پنجاب وٽ دريائن ۾ پاڻي سطح بلند: سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ ڊڪليئر

فہرستِ مضامین

ملڪ جَي مختلف حصن ۾ طوفاني برسات، گليشيئرز پگهرجڻ ۽ ٻوڏ کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي وهڪرا وڌي ويا آهن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي موجب سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه بي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تربيلا ۽ تونسه بي وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگه والا وٽ پاڻي وهڪرا وڌي ويا آهن.

اهڙي ريت جهلم ۽ چناب دريائن  جي اهم هنڌن تي پاڻي جي صورتحال في الحال معمولي آهي، پر نالو پلکھو ڪينٽ ۾ هيٺين سطح جو ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، راوي درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا معمول تي آهن پر بسنتر وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

ڊيمز جي حوالي سان ترجمان پي ڊي ايم اي چيو آهي ته تربيلا ڊيم 98 سيڪڙو جڏهن ته منگلا ڊيم 68 سيڪڙو ڀري چڪا آهن، تربيلا ڊيم جو ليول 1547.94 فٽ ۽ منگلا ڊيم جو ليول 1211.15 فٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي کاٺيا خبردار ڪيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ شهري احتياطي اپائن تي سختي سان عمل ڪن، دريائن جي ڪپرن تي موجود آبادين کي فوري طور محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جِي به هدايت ڪئي وئي آهي.

شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ دريائن جي ڪنارن تي سَير ۽ تفريح کان پاسو ڪن، والدين پنهنجي ٻارن کي ڪنهن به صورت دريائن  يا نالن جي ويجهو نه وڃڻ ڏين، هنگامي صورتحال ۾ شهري پي ڊي ايم اي پنجاب جي هيلپ لائين 1129 تي رابطو ڪن.

سنڌو درياءَ ۾ لاٿ بعد پاڻي وهڪرن ۾ واڌ، الرٽ جاري

ٻئي پاسي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا گهٽجي رهيا آهن، گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وھڪرن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان لاٿ بعد ٻيهر واڌ شروع ٿي آهي، جنهن بعد اختيارين ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي آهي.

گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 59 ھزار 948 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 30 ھزار 299 ڪيوسڪ رڪارڊ  ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج وٽ لاٿ جاري آهي، بيئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 1 لک 93 ھزار 344 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 1 لک 35 ھزار 124 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ جاري آهي، مٿانهون وهڪرو 85 ھزار 841 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 54 ھزار 626 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

شڪارپور لڳ واهه کي گهارو لڳي ويو

شڪارپور ضلعي جي علائقي رستم ڀرسان ڳوٺ مسو پھوڙ ويجهو مرزا واهه کي 20 فُوٽ گھارو پئجي ويو آهي، ڳوٺاڻن موجب پاڻي سندن فصل ٻوڙي ڇڏيا آهن، اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جي اختيارين تحرڪ ناهي ورتو، خدشو آهي ته پاڻي ڳوٺ به ٻوڙي ڇڏيندو.

ڳوٺاڻن ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته واهه کي 20 فوٽ گهارو لڳو، پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو پر وري ڪپر لڙهي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں