امتياز علي جي ڌيءَ ايدا علي جي فلمي دنيا ۾ انٽري، پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ نئون سفر شروع

فہرستِ مضامین

ممبئي (ويب ڊيسڪ): بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر امتياز علي جي 25 ورهين جي ڌيءَ ايدا علي به فلمسازي جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي، جتي هوءَ پنهنجي والد جي نالي ۽ اثر بدران پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي ٿي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ايدا علي پنهنجي دوست ڪريما بيري سان گڏجي ’بلو ڪرٽن فلمز‘ نالي پروڊڪشن ڪمپني قائم ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين 2 مختصر فلمون ٺاهي چڪي آهي، جن مان هڪ جو نالو ’گل‘ آهي.

ايدا علي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ مواد ۽ ويُوز جي پويان ڊوڙڻ بدران اهڙو معياري ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڏسندڙن جي ذهنن تي ڊگهي عرصي تائين اثر ڇڏي.

هن اعتراف ڪيو ته هوءَ پنهنجي والد امتياز علي جي ڪم ۽ فلمسازي جي انداز کان متاثر ضرور آهي ۽ ڪردار نگاري بابت سندس سوچ جو به ايدا جي ڪم تي گهرو اثر آهي، پر هوءَ پنهنجي ڪيريئر لاءِ والد جي اثر رسوخ يا سفارش استعمال ڪرڻ جي حق ۾ ناهي.

ايدا موجب ننڍپڻ کان ئي ڪهاڻيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سندس زندگي جو حصو رهيو، جنهن سبب فلمسازي ڏانهن دلچسپي پيدا ٿي. سندس چوڻ هو ته هوءَ اصل ۾ اسٽوري ٽيلر بڻجڻ چاهي ٿي.

ڀارتي ميڊيا مطابق ايدا اهڙي فلم ٺاهڻ چاهي ٿي، جيڪا ڪنهن برانڊ يا ميوزڪ وڊيو سان لاڳاپيل نه هجي، پر سندس پنهنجي تخليقي سڃاڻپ قائم ڪري.

هن ٻڌايو ته انهيءَ سوچ تحت هن هڪ ئي مهيني دوران 2 مختصر فلمون رليز ڪيون. ايدا جو چوڻ هو ته هوءَ اهڙي خاندان ۾ وڏي ٿي آهي، جتي ڪهاڻيون روزمرهه زندگي جو حصو هيون.

هوڏانهن ايدا علي تازو ئي فلمي دنيا کان هٽي ڪري پنهنجي 7 سال پراڻي دوست ڪرش اگروال سان مڱڻي پڻ ڪئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں