رمشا خان پنھنجي ڀيڻ عليشا جي شادي ۾ نظر ڇو نه آئي؟ سبب سامهون اچي ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي اڳوڻي اداڪارا رمشا خان پنهنجي ڀيڻ ۽ انفلوئنسر عليشا خان جي شادي جي تقريبن ۾ گهٽ نظر اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

عليشا خان جي شادي جون تقريبون تازو سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان جو مرڪز رهيون، جڏهن ته شادي دوران سندس ڀيڻ رمشا خان ۽ اداڪار خوشحال خان جي غير موجودگي پڻ مداحن ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي.

رمشا خان ۽ خوشحال خان کي شادي جي صرف هڪ تقريب ۾ ڏٺو ويو، جتي ٻنهي انتهائي سادو لباس پهريل هو. ان موقعي تي ٻنهي ماسڪ ۽ عينڪ ذريعي پنهنجو چهرو به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.

شادي جي تقريب دوران رمشا خان هڪ ٽي وي ميزبان سان ڳالهائيندي پنهنجي غير موجودگي بابت وضاحت ڪئي.

ميزبان موجب رمشا خان ٻڌايو ته سندس مڙس طرفان مٿس ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو ناهن، پر هوءَ پاڻ ڪيمرا جي سامهون اچڻ نٿي چاهي.

هن اهو به واضح ڪيو ته هوءَ نٿي چاهي ته سندس نالي سان سوشل ميڊيا تي هيش ٽيگ استعمال ڪيا وڃن.

ميزبان موجب رمشا خان پنهنجي موجوده زندگي مان خوش آهي ۽ هاڻي هڪ خانگي شخص طور زندگي گذارڻ چاهي ٿي.

ميزبان مداحن کي اپيل ڪئي ته رمشا خان جي ذاتي پسند ۽ پرائيويسي جو احترام ڪيو وڃي ۽ کيس غير ضروري طور تي ڪيمرا يا سوشل ميڊيا جي بحث جو حصو نه بڻايو وڃي.

رمشا خان جي ڀيڻ عليشا خان جي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداحن پاران رمشا جي غير موجودگي بابت مختلف سوال ڪيا پئي ويا، جنهن کانپوءِ سندس طرفان وضاحت سامهون آئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں