ملير جيل مان ھڪ وڌيڪ قيدي فرار، قيدي پوليس وٽان فرار ٿيو آھي: جيل ذريعا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: اسحاق سرڪي) ڪراچي جي ملير ڊسٽرڪٽ جيل مان ھڪ وڌيڪ قيدي فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جيل ذريعن جو چوڻ آھي تھ قيدي جيل مان نھ پر پوليس جي تحويل مان فرار ٿيو آھي.

ڊبليو ٽي اين کي مليل ڄاڻ موجب فرار ٿي ويل قيدي جو نالو جاويد احمد آھي ۽ سندس تعلق پنجاب جي شھر رحيم يار خان سان آھي، کيس ڪراچي ڏکڻ مان چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو.

جوابدار خلاف ريلوي پوليس پاران ڪراچي ۾ چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو ھو، ذريعن موجب جوابدار جاويد احمد کي جيل منتقل ڪيو پئي ويو تھ ھو جيل جي دروازي وٽان فرار ٿي ويو.

جيل کاتي سنڌ جو چوڻ آھي تھ قيدي جاويد احمد جي جيل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، اھا بھ جاچ ڪئي ويندي تھ ھو جيل جي گيٽ وٽان ڪيئن فرار ٿي ويو.

ملير جيل جو ٽٽڻ: فرار ٿيل 35 قيدي اڃا سوگھا نه ٿيا

3 جون جي رات ملير جي ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿي ويل 216 قيدين مان 35 قيدي اڃا تائين روپوش بڻيل آھن، جيل ٽٽڻ وقت فرار ٿي ويل قيدين مان 78 ڄڻن کي فوري طور ٻيھر پڪڙيو ويو ھو ۽ ڪيترائي پاڻمرادو بھ موٽي آيا ھئا.

 صوبائي گھرو وزير ضياءَ لنجار ۽ جيل کاتي جي وزير حاجي علي حسن زرداري

جيل ٽٽڻ کانپوءِ فرار ٿي ويل قيدين کي رضاڪاراڻھ طور واپس نھ اچڻ جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي جي وارننگ ڏني ھئي.

صوبائي وزيرن جو چوڻ ھو تھ رضاڪاراڻھ طور واپس ايندڙ قيدين جي خلاف وڌيڪ ڪا بھ ڪارروائي ڪئي ويندي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ توڙي وزيرن جو چوڻ ھو تھ فرار ٿي ويل اڪثر قيدي منشيات جي ڪيسن ۾ قيد ڪاٽي رھيا ھئا.

صوبائي وزيرن ۽ آءِ جي سنڌ جو چوڻ ھو تھ فرار ٿيل قيدين ۾ ڪي بھ خطرناڪ قيدي شامل آھن، انھن مان اڪثر منشيات جا عادي ۽ ننڍن ڪيسن ۾ معمولي سزائون ڪاٽيندڙ قيدي ھئا.

ملير جيل ڪيئن ٽٽو؟

2 جون جي رات ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي جھٽڪن بعد ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي انتظاميا 2 ھزار جي لڳ ڀڳ قيدين کي بيرڪس کان ٻاھر ڪڍي جيل جي گيٽ وٽ گڏ ڪيو ھو.

جيل انتظاميا پاران قيدين جي ڳڻپ ڪئي پئي وئي تھ اوچتو قيدين جيل عملي تي حملو ڪري ڏنو ۽ گيٽ ٽوڙي ٻاھر نڪري آيا.

جيل ٽٽڻ کانپوءِ جيل جي پوليس، ملير پوليس ۽ علائقي ۾ موجود ايف سي جي اٽالن پاران قيدين کي ٻيھر پڪڙڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنھن دوران فائرنگ ۾ ھڪ قيدي مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

آپريشن دوران 78 قيدين کي ٻيھر پڪڙيو ويو، جڏھن تھ قيدين جي حملي ۾ 2 پوليس اھلڪار، 22 سالن جو سڪندر ۽ 40 سالن جو شمريز زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال داخل ڪيو ويو.

آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيلز کي ھٽايو ويو

ملير ڊسٽرڪٽ جيل ٽٽڻ جي واقعي بعد سنڌ سرڪار پاران آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيلز کي عھدن تان ھٽايو ويو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻئي ڏينھن پريس ڪانفرنس ڪندي اھڙو اعلان ڪيو.

شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو تھ واقعي بعد آءِ جي جيل قاضي نذير کي عھدي تان ھٽايو ويو آھي، جڏھن تھ ڊي آءِ جي جيلز حسن سھتو ۽ ملير ڊسٽرڪٽ جيل جي سپرنٽنڊنٽ ارشد شاھ کي معطل ڪيو ويو آھي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وضاحت ڪندي چيو تھ جيل ٽٽڻ واري واقعي ۾ دھشتگرديءَ جو عنصر شامل نھ آھي. جيل ٽوڙڻ واري واقعي جو فرار ٿيل قيدين خلاف ملير جي شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں