ڪراچي (رپورٽ: ذيشان حفيظ بلوچ) سنڌ جي ناليواري سنگر صنم ماروي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر جي صدر احمد شاھ تي تذليل جا الزام ھڻندي کيس 5 ڪروڙ جي ھرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آھي.
صنم ماروي جي وڪيل پاران اماڻيل ليگل نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ احمد شاھ نسلي تعصب جي بنياد تي 10 آگسٽ تي سکر جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ رٿيل پروگرام ۾ صنم ماروي کي اسٽيج تي اچڻ نھ ڏنو.
ليگل نوٽيس ۾ چيو ويو آھي تھ احمد شاھ دير سان اسٽيج تي ظاھر ٿيڻ تي صنم ماروي کي سخت جملا ڳالھايا ۽ کيس اسٽيج تي اچڻ کان روڪڻ لاءِ جسماني طور ڌڪا بھ ڏنا ويا ۽ سندس توھين ڪئي وئي.
صنم ماروي کي پروگرام ۾ اچڻ باوجود پرفارم ڪرڻ نه ڏنو ويو؟
ليگل نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ باوجود صنم ماروي کي نيشنل اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڄاڻي واڻي روڪيو ويو ۽ جڏھن ھوءَ دير سان اسٽيج تي پھتي تھ کيس پرفارم ڪرڻ نھ ڏنو ويو.
ليگل نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ صنم ماروي سان اھو مذمت جوڳو سلوڪ رڳو ان بنياد تي ڪيو ويو تھ ھوءَ ھڪ سنڌي آرٽسٽ آھي، احمد شاھ جي اھڙي رويي سان صنم ماروي کي صدمو توڙي سندس ساک کي ڌڪ رسيو آھي.
ليگل نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ صنم ماروي پنھنجي بينڊ سوڌو پرفارم ڪرڻ لاءِ نيشنل اسٽيڊيم سکر پھتي ھئي، لساني تعصب جي بنياد تي کيس پرفارم ڪرڻ کان روڪيو ويو.
احمد شاھ سرعام معافي وٺي ۽ 5 ڪروڙ ھرجاڻو ادا ڪري
صنم ماروي پاران اماڻيل ليگل نوٽيس ۾ مطالبو ڪيو ويو آھي تھ احمد شاھ پنھنجي اھڙي مذمت جوڳي عمل جي سرعام معافي وٺي ۽ 5 ڪروڙ روپين جي رقم ھرجاڻي طور ادا ڪري.

ليگل نوٽيس ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آھي تھ احمد شاھ ناليواري سنگر صنم ماروي کان سرعام معافي نھ ورتي ۽ 5 ڪروڙ ھرجاڻي جي رقم ادا نھ ڪئي تھ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
صنم ماروي جو چوڻ آھي تھ کيس سنڌي فنڪارا ھئڻ جي سزا ڏني وئي آھي، سکر واري پروگرام ۾ منھنجي پرفارمنس اڳواٽ طئي ٿيل ھئي پر مون کان اڳ استاد راحت فتح علي خان کي موقعو ڏنو ويو ۽ پوءِ اسٽيج تي اچڻ کان روڪيو ويو.
احمد شاھ جو صنم ماروي جي الزامن تي ردعمل
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر جي صدر احمد شاھ ناليواري سنگر صنم ماروي جي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو آھي تھ صنم ماروي پروگرام ۾ اڍائي ڪلاڪ ليٽ آئي ھئي.
ھن چيو تھ گھڻو ليٽ اچڻ جي ڪري صنم ماروي کي پرفارم ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي نھ گھرايو ويو. احمد شاھ چيو تھ صنم ماروي فنڪارا آھي ۽ کيس پروفيشنل انداز اختيار ڪرڻ گھرجي.
احمد شاھ چيو تھ صنم ماروي پاران ليگل نوٽيس ۾ لڳايل الزام بي بنياد ۽ غلط آھن، ھن چيو تھ صنم ماروي جي ليگل نوٽيس جو جواب قانوني طريقي سان ڏيندس.