سکر (رپورٽ: حيدر ميراڻي) سکر جي تعلقي صالح پٽ ۾ ڳوٺ رياض آباد ويجھو آر ڊي 86 وٽ نارا ڪينال جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ھڪ عورت تي اوچتو واڳوءَ حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ عورت زخمي ٿي پئي.
علائقي واسين جو چوڻ آھي تھ حب علي ملاح جي گھر واري ڳوٺ ويجھو نارا ڪينال جي ڪپ تي ڪپڙا ڌوئي رھي ھئي تھ اوچتو واڳو ٻاھر نڪري آيو ۽ مٿس حملو ڪري ڏنو.
علائقي واسين موجب واڳو عورت کي ڄنگھھ ۾ چڪ ھڻي پاڻيءَ ڏانھن گھلڻ شروع ڪيو تھ ھن دانھون ڪيون، جنھن تي سندس مڙس حب ملاح پھچي ويو ۽ ھن واڳوءَ کي ڌڪ ھڻي پنھنجي زال کي بچائي ورتو.
حب ملاح جي زخمي ٿيل گھر واري کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جتي کيس شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد گھر اماڻيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آھي تھ عورت جي حالت اڃا ڳڻتيءَ جوڳي آھي.

واڳو جي حملي ۾ ھڪ نينگر به مارجي چڪو آھي
علائقي جي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ 25 ڏينھن اڳ بھ نارا ڪينال مان ھڪ واڳو ٻاھر نڪري آيو ھو ۽ قربان ملاح جي پٽ تي حملو ڪيو ھو، جنھن ۾ ھو سخت زخمي ٿيڻ بعد لڙھي ويو ھو.
قربان ملاح جي پٽ جو بعد ۾ لاش مليو ھو، واڳوءَ جي حملي ۾ قربان ملاح جي پٽ جي مارجي وڃڻ بعد حب علي ملاح جي گھر واري تي واڳوءَ جي حملي سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي.
سنڌ ملاح فورم صالح پٽ جي صدر مولوي لعل بخش ميراڻي، سچل ملاح ۽ ٻين ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ گذريل مھيني واڳو جي حملي ۾ قربان ملاح جو 12 سالن جو پٽ سجاد بھ مارجي ويو ھو.
نارا ڪينال ۾ واڳو ڪٿان آيا؟
لعل بخش ميراڻي جو چوڻ آھي تھ وائيلڊ لائيف کاتي پاران واڳن جو نسل وڌائڻ لاءِ انھن کي نارا ڪينال ۾ ڇڏيو ويو آھي، ھن چيو تھ واڳو ڪينال جي ڪنڌين تي نڪري اچڻ بعد جانورن کانپوءِ ھاڻي انسانن تي بھ حملا ڪرڻ لڳا آھن.

ھن چيو تھ حڪومت کي جيڪڏھن واڳن جو نسل وڌائڻو آھي تھ انھن لاءِ پاڻيءَ جي ڪنھن ڌار فارم جو بندوبست ڪري، ڇاڪاڻ تھ ھي واڳو انساني حياتين لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آھن.
ملاح فورم جي اڳواڻ چيو تھ سرڪار لاءِ انسانن کان وڌيڪ واڳو اھم ٿي ويا آھن، ھن مطالبو ڪيو ته نارا ڪينال ۾ ڇڏيل واڳو فوري طور ڪڍيا وڃن ته جيئن مقامي ماڻهن مان پکڙيل بي چيني ختم ٿي سگهي.
وائيلڊ لائيف کاتي جو موقف
جهنگلي جيوت کاتي سنڌ جي ڪنزرويٽر جاويد مهر جو چوڻ آهي ته نارا ڪينال ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ايڏو تيز آهي جو ان ۾ واڳو بيهي نه ٿو سگهي، واڳو پاران عورت تي مبينا حملي جي جاچ ڪرائي ويندي.
اهڙو اظهار هن ڊبليو ٽي اين پاران رابطو ڪرڻ تي فون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، جاويد مهر چيو ته نارا ڪينال ۾ واڳو وائيلڊ لائيف پاران نه ڇڏيا ويا آهن، سنڌ ۾ موجود واڳو انسانن تي حملا نه ڪندا آهن.
ڪنزرويٽر وائيلڊ لائيف چيو ته ان کان اڳ به هڪ ٻارڙيءَ تي واڳوءَ جي حملي جو واقعو رپورٽ ٿيو هو، پر بعد ۾ جاچ ڪرائڻ تي خبر پئي ته ڪنهن تڪرار تان ٻارڙيءَ تي حملو ڪيو ويو هو.
جاويد مهر چيو ته صالح پٽ ويجهو نارا ڪينال مان واڳو نڪري اچڻ ۽ حملو ڪري عورت کي زخمي ڪرڻ واري مبينا واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي.