آبنائي هرمز ۾ ايران جو دٻاءُ برقرار، جهاز آمريڪا کان وڌيڪ تهران کان خوفزده

فہرستِ مضامین

آبنائي هرمز ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود سامونڊي جهازن جي آمدرفت بابت انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪيترائي جهاز آمريڪي دٻاءَ جي ڀيٽ ۾ ايران کي ناراض ڪرڻ کان وڌيڪ پاسو ڪري رهيا آهن.

رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت تي ڪنٽرول رکي ٿي، جڏهن ته ايران جو موقف آهي ته سندس اجازت کانسواءِ ڪو به جهاز آبنائي هرمز مان گذري نٿو سگهي.

موجوده صورتحال ۾ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت لاءِ ٻه اهم رستا استعمال ٿي رهيا آهن. هڪ رستو ايران جي ساحل، لارڪ ۽ قشم ٻيٽن ڀرسان آهي، جڏهن ته ٻيو رستو عمان جي ويجهو ۽ ايراني ساحل کان نسبتاً پري آهي. آمريڪا واپاري جهازن کي عمان وارو رستو اختيار ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.

سامونڊي نگراني واري اداري ڪيپلر موجب پهرين آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين تيل، ايل پي جي ۽ ايل اين جي کڻي ويندڙ 112 جهاز آبنائي هرمز مان گذريا، جن مان 21 جهازن کليل نموني ايراني رستو اختيار ڪيو، جڏهن ته صرف 2 جهاز عمان وارو رستو استعمال ڪندا نظر آيا.

رپورٽ موجب سڀني قسمن جي مال بردار جهازن کي شامل ڪيو وڃي ته ان عرصي دوران مجموعي طور 236 جهاز آبنائي هرمز مان گذريا. انهن مان 83 جهاز ايراني رستي تان، 3 عماني رستي تان ۽ 2 جنگ کان اڳ استعمال ٿيندڙ مرڪزي رستي تان گذريا، جڏهن ته 148 جهازن پنهنجي رستي بابت معلومات لڪائي ڇڏي.

جهازن نگراني وارو نظام ڇو بند ڪيو؟

رپورٽن موجب جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا ٻنهي طرفان انهن جهازن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون، جن تي مقرر ڪيل سامونڊي رستن يا ضابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳايا ويا.

ان صورتحال سبب ڪيترائي جهاز پنهنجو خودڪار سڃاڻپ وارو نظام (AIS) بند ڪري رهيا آهن، جنهن سان سندن صحيح هنڌ ۽ آمدرفت فوجي نگراني کان لڪل رهي ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه جهازن لاءِ اهڙي طريقي سان حاصل ٿيندڙ تجارتي ۽ حفاظتي فائدا سامونڊي نگراني ۽ شفافيت جي خطرن کان وڌيڪ اهم بڻجي ويا آهن.

ايران يا آمريڪا، جهاز ڪنهن کان وڌيڪ خوفزده؟

رپورٽ موجب موجود انگن اکرن مان آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول بابت حتمي نتيجو ڪڍڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته وڏي انگ ۾ جهاز پنهنجي حرڪتن کي ڳجهو رکندا رهيا آهن.

تنهن هوندي به دستياب انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي سامونڊي ناڪابندي ۽ دنيا جي طاقتور بحري فوج جي موجودگي باوجود توانائي کڻندڙ تقريباً 20 سيڪڙو جهاز کليل نموني ايراني رستي تان گذريا.

جڏهن ته سڀني مال بردار ۽ ڪيميائي سامان کڻندڙ جهازن کي شامل ڪيو وڃي ته لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو جهازن ايراني رستو استعمال ڪيو.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان صورتحال مان اشارو ملي ٿو ته ڪيترائي سامونڊي جهاز آمريڪا جي ڀيٽ ۾ ايران کي ناراض ڪرڻ کان وڌيڪ خوفزده آهن.

ايران جو اثر اڃا برقرار

ماهرن موجب ايران هن وقت به آبنائي هرمز تي پنهنجو نمايان اثر برقرار رکيو آهي ۽ سامونڊي آمدرفت ۾ خلل وجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر متبادل سامونڊي رستن، جهازن وچ ۾ سامان جي منتقلي ۽ علائقائي سامونڊي سيڪيورٽي ۾ واڌ سبب ايران جو دٻاءُ مڪمل يا لامحدود نه رهيو آهي.

عالمي تيل مارڪيٽ تي اثر

جنگ کان اڳ آبنائي هرمز ذريعي دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ ايل اين جي جي ترسيل ٿيندي هئي ۽ روزانو تقريباً 130 جهاز هتان گذرندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ آگسٽ جي پهرين 19 ڏينهن دوران صرف 236 جهاز هتان گذريا.

آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي توانائي بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو آهي. جنگ دوران برينٽ خام تيل جي قيمت ڪيترائي ڀيرا 100 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي ۽ مارچ ۾ 119 ڊالر تائين پهتي هئي، جڏهن ته تازو وڌندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 92.9 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آبنائے هرمز ۾ ايران جو اثر گهٽ ٿيندي نظر آيو ته ڳالهين دوران تهران جو هڪ اهم دٻاءُ وارو ذريعو به ڪمزور ٿي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں