ڄامشورو ۾ ريلوي ٽريڪ تي بم جو اطلاع، بم بدران تعويذ مليو

فہرستِ مضامین

ڄامشورو ( رپورٽر )  اردوءَ م چوڻي آھي تھ  ‘کودا پھاڙ، نڪلا چوھا’، اھڙو ڪجھھ اڄ ڄامشورو پوليس سان بھ ٿيو، ڪوٽڙي ۾ ريلوي ٽريڪ تي بم جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا طلب ڪيا ويا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ بھ پھتو، جڏھن ريلوي ٽريڪ وٽان پٿر ھٽايا ويا تھ اتان بم جي بدران ھڪ تعويز مليو.

پوليس  موجب ڪوٽڙي جي علائقي غريب آباد ڪالوني ۾ ڊائون مال بردار ريلوي ٽريڪ وٽ کين مبينا طور ڪريڪ بم ھئڻ جو اطلاع مليو، جنھن بعد پوليس فوري طور پھچي وئي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي بھ طلب ڪيو ويو.

اتي موجود علائقي واسين پوليس کي ٻڌايو تھ ڪجھھ اڻڄاتل ماڻھو ريلوي ٽريڪ وٽ رکيل ھڪ پٿر جي ھيٺان ڪجھھ رکي ويا آھن.

پوليس بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان ريلوي ٽريڪ تي رکيل پٿر کي رسن جي مدد محفوظ طريقي سان ھٽايو ۽ اتي ڪريڪر ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي.

تعويذ رکي ويندڙن جي ڳولا

پوليس جو چوڻ آھي تھ  علائقي ۾ ڪو بھ ڪريڪ بم ناھي مليو، ريلوي ٽريڪ تي رکيل پٿر کي جيئن ئي ھٽايو تھ اتان ھڪ تعويز نڪتو جنھن بعد ريلوي ٽريڪ کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تھ جاچ دوران کين خبر پئي تھ اڻڄاتل ماڻھو پٿر جي ھيٺان ڪو تعويز ٻڌي ويا ھئا، کين اھڙي ڪا بھ شيءِ ناھي ملي، جيڪا ڌماڪيدار مواد جي نشاندھي ڪندي ھجي.

پوليس جو چوڻ آھي تھ جن بھ ماڻھن ريلوي ٽريڪ تي اھو تعويز پوريو آھي، انھن جي ڳولھا ڪري رھيا آھيون، ڪنھن کي بھ خوف ۽ ھراس پکيڙڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي، ريلوي ٽريڪ ڪليئر آھي، شھري شڪي ماڻھن تي نظر رکن.

ريلوي ٽريڪس تي ڌماڪا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ريلوي ٽريڪس تي ڌماڪا رپورٽ ٿيندا رھيا آھن، پھرين اپريل 2022 تي ڄامشورو ويجھو ئي ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو ھو، جنھن ۾ ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو ھو پر ريلوي ٽريڪ کي نقصان پھتو ھو.

2 جنوري 2022 تي حيدرآباد ويجھو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ڪيو ويو، جنھن جي ذميواري بلوچستان جي ھڪ پابندي مڙھيل تنظيم قبول ڪئي ھئي.

ھن ڌماڪي ۾ بھ جاني نقصان نھ ٿيو ھو، پر ريلوي ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل رھي ھئي.

گذريل مھيني 04 جولاءِ 2025 تي بھ شڪارپور ويجھو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو ھو، جنھن ۾ بھ ريلوي ٽريڪ کي نقصان پھتو ھو ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو ھو.

سنڌ ۾ مختلف وقتن تي سکر، حيدرآباد، نوابشاھھ ۽ ڪوٽڙي ويجھو ريلوي ٽريڪس تي ڌماڪا رپورٽ ٿيندا رھيا آھن، جنھن سبب ريلوي ٽريڪ کي نقصان پھتو، اھڙن ڌماڪن جي ذميواري بندش پيل تنظيمون قبول ڪنديون رھيون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں