چون ٿا شھيد ڀٽو ۽ جي ايم سيد دشمن ھئا، دوستي پڪي ڪرڻ ” سن“ آيو آھيان: ذوالفقار جونيئر

فہرستِ مضامین

سن (ويب ڊيسڪ) شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر اڄ سن پھچي سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙھي.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي سن پھچڻ تي منير حيدر شاھ، روشن ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ايس يو پي اڳواڻن سان گڏ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحھ پڙھي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو تھ جي ايم سيد بھ سنڌ لاءِ ڏاڍو وڙھيو، ھن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بھ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي.

ذوالفقار جونيئر چيو تھ ماڻھو چون ٿا تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد ھڪ ٻئي جا دشمن ھئا، اھا ڳالھھ درست نھ آھي، ٻنھي جا سياسي نظريا الڳ ھئا پر ھو ھڪ ٻئي جا دشمن نھ ھئا.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو تھ مان دوستي پڪي ڪرڻ لاءِ سن آيو آھيان، ايس يو پي جا اڳواڻ ۽ اسان ڪيترن ئي معاملن تي ھم خيال آھيون، اسان ظاھري طور ڌار پر اصل ۾ ھڪ لباس جيان آھيون.

اڄ تاريخي ڏينھن آھي، سنڌ جا 2 سياسي گھراڻا ٻيھر پيا ملن

ذوالفقار جونيئر چيو تھ درياھ جي معاملي تي، صوبائي خودمختياري ۽ ٻين معاملن تي اسان ھڪ ٻئي جا ھم خيال آھيون، اليڪشن ۾ بھ اسان گڏجي ڪم ڪنداسين پر پنھنجي پنھنجي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان.

اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار جونيئر چيو تھ منھنجو والد شھيد مرتضيٰ ڀٽو بھ اليڪشن وڙھيو ھو ۽ ھڪ سيٽ بھ کٽي ھئي، ھو ان کان وڌيڪ سيٽون بھ کٽي پئي سگھيو.

مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ذوالفقار جونيئر چيو تھ پي ٽي آءِ کي ڪير ختم نھ ٿو ڪري سگھي، ملڪ ۾ رھندڙ سموريون قومون سنڌو درياھ تي ھڪ ئي آبي نظام تي جي رھيون آھن ۽ درياھ اسان سڀني کي ھڪ ٻئي سان جوڙي رھيو آھي.

ذوالفقار جونيئر چيو تھ اڄ تاريخي ڏينھن آھي، ڇاڪاڻ تھ اڄ ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جا 2 سياسي گھراڻا پاڻ ۾ ملي رھيا آھن، سر شاھنواز ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد جي پاڻ ۾ سٺي دوستي ھئي ۽ ويجھڙائي وارا لاڳاپا بھ ھئا.

ذوالفقار جونيئر جي مرتضيٰ جتوئي کي فون

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر اڄ اين پي پي سربراھ غلام مرتضيٰ جتوئي کي بھ فون ڪال ڪري مختلف معاملن تي اھم ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.

ذوالفقار جونيئر پنھنجي سياسي ميدان ۾ اچڻ واري اعلان جي آجيان ڪرڻ تي مرتضيٰ جتوئي جا ٿورا مڃيا، ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالھھ ٻولھھ ٿي.

ٻنهي اڳواڻن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق بھ ڪيو.

ڳالھھ ٻولھھ دوران مرتضيٰ جتوئي ذوالفقار جونيئر کي مخاطب ٿيندي چيو تھ توھان جي وڏڙن سان سياسي ۽ گھرو واسطا رھيا آھن، ڪوڙن ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، ظلم جي رات جي نيٺ پڄاڻي ٿيندي.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر مرتضيٰ جتوئي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو تھ 16 آگسٽ کانپوءِ ھو ڪراچي ۾ مرتضيٰ جتوئي سان تفصيلي ملاقات ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں