ملير جي ٿاڻي ۾ نوجوان قتل: گرفتار ڪيل ايس ايڇ او سميت 4 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور

فہرستِ مضامین

ملير (رپورٽ: شاھنواز شر) ڪراچي ۾ ملير ضلعي جي عدالت شاھ لطيف ٿاڻي اندر نوجوان جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او سميت 4 ڄڻن کي 8 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.

شاھ لطيف ٿاڻي ۾ نوجوان معاذ کي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيل ايس ايڇ او صدر الدين ميراڻي، ھيڊ محرر سليم مغل ۽ اسپيشل پارٽي جي ٻن جوابدارن کي جڊيشل ماجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ايس ايڇ او ۽ ھيڊ محرر کانسواءِ ٿاڻي جي غير قانوني اسپيشل پارٽي جي ٻن جوابدارن عاطف ۽ شاھزيب جو بھ 3 ڏينھن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪيو.

پوليس لاءِ ڪم ڪندڙ جوابدارن نوجوان کي قتل ڪيو

 جاچ آفيسر موجب ٿاڻي لاءِ اسپيشل پارٽي طور ڪم ڪندڙ ٻئي جوابدار عاطف ۽ شاھزيب 2 ڄڻن کي پڪڙي ٿاڻي تي کڻي آيا ھئا، جتي ٿاڻي تي آندل ماڻھن سان سندن جھيڙو ٿي پيو.

جاچ پوليس موجب جھيڙي دوران جوابدار عاطف فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان معاذ مارجي ويو.

ايس ايڇ او ۽ ھيڊ محرر ثبوت ڊاھي ڇڏيا

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو تھ جوابدار ايس ايڇ او صدر الدين ميراڻي ۽ ھيڊ محرر اي ايس آءِ سليم مغل ٿاڻي جا سي سي ٽي وي فٽيج ڊليٽ ڪيا ۽ واقعي واري ھنڌ کي ڌوئي صاف ڪرائي ڇڏيو ھو.

ايس ايڇ او ۽ ھيڊ محرر تي قتل جون شاھديون لڪائڻ جا الزام آھن، جوابدارن خلاف شاھ لطيف ٿاڻي تي ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پاران ٻڌايو ويو ھو تھ شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آھي تھ ٻئي جوابدار عاطف ۽ شاھزيب ايس ايڇ او ۽ ھيڊ محرر لاءِ غير قانوني اسپيشل پارٽي طور ڪم ڪري رھيا ھئا.

پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تھ جوابدار عاطف پوليس قومي رضاڪار (پي ڪيو آر) ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو آھي، مٿس الزام آھي تھ ھو غير قانوني طور شھرين جي اغوا ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين ۾ بھ ملوث رھيو آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جوابدارن کي يا شھرين کي غير قانوني طور حراست ۾ وٺڻ لاءِ مختلف ماڻھن تي ٻڌل اسپيشل پارٽيز ٺاھين ٿا.

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق ٿاڻي اندر نوجوان جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ھو.

شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس پھرين اھو موقف اختيار ڪيو ھو تھ 2 نوجوان ھڪ شخص کي ڦورو ڄاڻائي ٿاڻي تي کڻي آيا ھئا، ٿاڻي ۾ ٻنھي نوجوانن ۽ مبينا ڦورو ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ ھڪ نوجوان فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو.

ايس ايس پي ملير پاران شروع ڪرايل جاچ جي نتيجي ۾ اھو انڪشاف ٿيو تھ مبينا ڦورو ڄاڻائي نوجوان کي ٿاڻي اندر ماريندڙ ٻئي جوابدار ايس ايڇ او ۽ ھيڊ محرر لاءِ اسپيشل پارٽي طور ڪم ڪري رھيا ھئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں