ٽنڊو آدم باءِ پاس لاءِ ورتل زمين جي معاوضي وارو ڪيس: سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کان مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٽنڊو آدم باءِ پاس لاءِ حاصل ڪيل نجي زمين جي معاوضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي سنڌ حڪومت کان زمين جي ماليت ۽ معاوضي بابت مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي چيو آهي ته قانون جي هڪ حصي تي عمل ۽ ٻئي حصي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل فيضان ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته ٽنڊو آدم باءِ پاس جي تعمير لاءِ 1996ع کان 1998ع دوران نَو ايڪڙ نجي زمين حاصل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 2004ع ۾ ان زمين جي عيوض 13 لک 45 هزار رپين جو ايوارڊ جاري ڪيو ويو.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ آخر غلطي ڪهڙي آهي؟ هن چيو ته قانون به اهو ئي چوي ٿو جيڪو هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته زمين جي ماليت 3 هزار رپيا في چورس فوٽ مقرر ٿي چڪي هئي. هن پڇاڻو ڪيو ته اها ماليت ڪهڙي تاريخ جي بنياد تي طئي ڪئي وئي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ماليت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ واري تاريخ مطابق مقرر ڪئي وئي هئي.

ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته زمين 1997ع ۾ حاصل ڪئي وئي، پر اڄ تائين مالڪن کي ادائيگي نه ٿي آهي، ڇا هاڻي به 1997ع واري اگهه تي ادائيگي ڪرڻ چاهيو ٿا؟

سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حاصل ڪيل زمين صنعتي علائقي جي نه، پر زرعي زمين آهي. ان تي زمين مالڪن جي وڪيل عمر لاکاڻي چيو ته مختيارڪار جي رپورٽ موجب اها انتهائي قيمتي زمين آهي.

چيف جسٽس چيو ته رڪارڊ موجب زمين صنعتي علائقي کان رڳو چند سئو فوٽن جي فاصلي تي واقع آهي، ۽ صنعتي علائقي سان لڳ زمين جي قيمت به وڌيڪ هوندي آهي.

عدالت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته زمين جي ماليت ڪهڙن دستاويزن جي بنياد تي طئي ڪئي وئي، ان بابت مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. گڏوگڏ تعميراتي ڪم دوران ڊاهيل ملڪيتن جي ماليت ۽ کوٽائي سبب ٿيل نقصان جا ثبوت پڻ فراهم ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ چيو ته سموري رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اپيل تي حڪم جاري ڪرڻ يا ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں