مذھب مٽائي شادي ڪندڙ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ھڪ ڪيس دوران اھم رمارڪس ڏيندي چيو آھي تھ بالغ عورت کي پنهنجي مرضي موجب شادي ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي جنهن کان سپريم ڪورٽ روڪي نه ٿي سگهي پر عدالت ڏسڻ چاهي ٿي ته پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪيو آهي يا جبري طور مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اھڙا رمارڪس ڪراچي ۾ مبينا طور مذھب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ ڪراچي واسي ناري جي والد پاران داخل ڪرايل درخواست تي ڏنا، عدالت ناري کي سخت سڪيورٽي جي پھرين ھيٺ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم بھ ڏنو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل فل بئنچ 2021ع ۾ مذهب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪندڙ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي رهواسڻ بينش کي خميس ڏينهن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 عدالت اهڙو حڪم سومر ڏھاڙي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ناريءَ جي والد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو.

بالغ عورت کي مرضي سان شادي ڪرڻ جو حق

 عدالت چيو ته بالغ عورت کي پنهنجي مرضي موجب شادي ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي جنهن کان سپريم ڪورٽ روڪي نه ٿي سگهي پر عدالت ڏسڻ چاهي ٿي ته ناري پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪيو آهي يا جبري طور سندس مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. عدالت پسند جي شادي ڪندڙ ناري بينش کي سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته بالغ ناري جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي ته عدالت ان کي والد سان ملاقات ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿي ڪري سگهي. اسان رڳو اهو ڏسنداسين ته ناري پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪري شادي ڪئي آهي يا نه؟

ناري ڪڏھن شادي ڪئي؟

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بينش سميت سندس ٻه ڌيئرون 2021ع ۾ ملازمت ڪرڻ لاءِ ويون ۽ واپس نه آيون جنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندن بازيابي جي پٽيشن داخل ڪرائي وئي جتي پوليس ٻڌايو ته هڪ ناري بينش مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿي وئي ۽ ھن محمد علي نالي شخص سان شادي ڪري ڇڏي آهي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تھ پوليس مذھب مٽائي شادي ڪرڻ جي بنياد تي پوليس سندن اغوا جو ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو ۽ ٻي ناري گهر پهچي وئي پر شادي ڪندڙ ناري بينش سان سندس والد يا گھرڀاتين مان ڪنھن جي بھ ملاقات نه ڪرائي وئي آهي جنهن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پوليس موجب ناري ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ رھندي ھئي، ھوءَ ۽ سندس ڀيڻ ھڪ خانگي چينل ۾ ڪم ڪنديون ھيون،جتي ھنن جي محمد علي نالي ھڪ شخص سان دوستي ٿي، جنھن بعد 2021 ۾ ٻنھي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنھن بعد خبر پئي تھ بينش محمد علي سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن ڪري ھنن اغوا جو ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو ھو..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں