ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ قتل ڪيل سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي مبينه جوابدار عمران آفريدي هڪ وڊيو بيان ۾ قتل جو اعتراف ڪري ورتو آھي. پوليس عملدارن موجب، خواجه شمس الاسلام جي قتل جو ڪيس درخشاں ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي بھ جوڙي وئي.
خواجھ شمس الاسلام کي گذريل ڏينھن ڪراچي جي ھڪ مسجد ۾ جنازي نماز جي ادائيگي بعد فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو، فائرنگ جي واقعي ۾ سندس پٽ بھ زخمي ٿي پيو ھو.
واقعي جي ھڪ ڏينھن بعد سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان وائرل آھي، جيڪو مبينا جوابدار عمران آفريدي جو ٻڌايو پيو وڃي. وڊيو بيان ۾ مبينه جوابدار عمران آفريدي قتل جو اعتراف ڪندي الزام لڳايو ته شمس الاسلام منهنجي والد کي اغوا ڪري انهن تي بي رحماڻي تشدد ڪيو ۽ پوءِ قتل ڪري ڇڏيو، وڪيل ۽ منهنجي والد جي وچ ۾ 35 لک رپين جي ڏي وٺ جو معاملو هو، جيڪو اڳ ۾ تڪرار جو ڪارڻ بڻيو هو.
والد جي قتل جو پلاند ورتو
عمران آفريدي وڊيو بيان ۾ الزام لڳايو ته “نه رڳو منهنجي والد کي قتل ڪيو ويو، پر ان کان پوءِ اسان جي خاندان کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو. شمس الاسلام منهنجن ڀائرن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ۽ اسان جي عورتن کي به قانوني ڪيس ۾ پريشان ڪيو ، جيتوڻيڪ عورتن جو انهن معاملن سان ڪوبه واسطو نه ھو.
جوابدار عمران وڊيو بيان ۾ چيو تھ کيس قانوني نظام مان انصاف نه مليو، تنهنڪري مون پاڻ پلاند وٺڻ جو فيصلو ڪيو، مون قتل اڪيلو ڪيو، منهنجي ڪنهن به عزيز، دوست يا مائٽ جو هن ڏوھ سان ڪوبه واسطو ناهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منهنجي خاندان يا دوستن کي پريشان نه ڪن.”
شمس الاسلام جي قتل جو ڪيس داخل
ٻئي پاسي، پوليس سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل جو ڪيس سندن ڀاءُ جي فرياد تي درخشاں ٿاڻي تي داخل ڪيو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل سميت ٻين دفعات شامل ڪيون ويون آهن.
ايف آءِ آر مطابق، گذريل ڏينهن ڪراچي جي پوش علائقي خيابانِ راحت ۾ هڪ اڪيڊمي جي ٻاهران خواجه شمس الاسلام کي ان وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن هو پنهنجي پٽ دانيال الاسلام سان گڏ نمازِ جنازه پڙهي مسجد مان ٻاهر نڪتا هئا.
تحقيقات لاءِ 6 رڪني ڪميٽي قائم
پوليس موجب، قتل جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ڏکڻ ( سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ) جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آھي، ڪميٽي ۾ ايس پي ڪلفٽن، ڊي ايس پي ڪياماڙي، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن ڪلفٽن، درخشاں ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسر شامل آهن.
هي 6 رڪني ڪميٽي وڪيل شمس الاسلام قتل ڪيس جي جاچ ڪندي، ڪميٽي جوابدار جي گرفتاريءَ کان وٺي سزا تائين مڪمل ڪم ڪري سگهندي، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جاچ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته پھرين آگسٽ تي ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام کي هڪ جوابدار مسجد مان نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ دوران فائرنگ جو نشانو بڻايو هو. واقعي ۾ مقتول جو پٽ سميت ٻه ماڻهو زخمي به ٿيا هئا.