صدر آصف علي زرداري جي نياڻـِي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آھي ته ماءُ جي کير جي متبادل مارڪيٽنگ تي سخت ضابطا لاڳو ٿيڻ گھرجن، ھِن اھو پيغام ٻارن کي کير پيئارڻ جي عالمي ھفتي جي موقعي تي ڏنو آھي.
جاري ڪيل بيان ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو آھي تھ کير پيئارڻ اسان جي ٻارن کي تحفظ ڏيڻ جي چند فطري ۽ موثر طريقن مان ھڪ آھي، ھن چيو ته شروعاتي 6 مھينا ماءُ جو کير ۽ بعد ۾ ٻن سالن تائين کير سان گڏ مناسب خوراڪ ٻارن جي جسماني طاقت ۽ ذھني نشو نما کي بھتر بڻائي ٿي.
عورتن ۾ ڪينسر جي پکڙجندڙ بيمارين جو حوالو ڏيندي خاتون اول چيو ته ٻارن کي کير پيئاريندڙ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو خطرو گھٽ ھوندو آھي، اڻٽر سببن جي ڪري ٻارن کي کير نھ پيئاريندڙ عورتن کي اھو ئي عزت ۽ احترام ڏنو وڃي، جيڪو کير پيئاريندڙ مائرن کي ڏنو ويندو آھي.
آصفه ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته ماءُ جي کير جي متبادل مارڪيٽنگ تي سخت ضابطه لاڳو ٿيڻ گھرجن، تھ جيئن مائرن کي اڻ ڌري ۽ سائنسي بنيادن تي معلومات فراھم ڪئي وڃي.
خاتون اول چيو ته ادارن کي گھرجي ته اھي مائرن کي کير پيئارڻ لاءِ مخصوص ھنڌ فراھم ڪن ته جيئن کير پيئارڻ جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ متبادل کير جو دٻاءُ گھٽ ٿئي.
ٻوڏ متاثرن کي ملڪيتن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا
ٻئي پاسي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز اسڪيم تحت ملڪيتن جي ورهاست جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻوڏ متاثر عورتن کي مالڪاڻي حقن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا.

تقريب کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان سڀني لاءِ فخر جو ڏينهن آهي، گهرن جي مالڪيءَ جا دستاويز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهن، پر اهي اوهان جي مستقبل جي تحفظ جي علامت آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ايس پي ايڇ ايف منصوبي تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر گهر جي زمين ان گهر جي عورت جي نالي تي ڪئي پئي وڃي.
آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو ته هي رڳو هڪ گهر ناهي، پر اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن لاءِ اختيار، عزت ۽ تحفظ جي علامت آهي.
هن منصوبي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي محنت، بصيرت ۽ عوام دوست سوچ جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته اڄ تائين ڪنهن به ٻئي صوبي يا سياسي جماعت ايڏو وڏو ۽ عوامي ڀلائي وارو قدم نه کنيو آهي.
شهيد ذوالفقار ڀٽو جي واعدي جو حوالو
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي واعدي جو حوالو ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جيڪو عوام سان واعدو ڪيو ھو ته هر شهري کي زمين، رهائش ۽ عزت ڏني ويندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو واعدو پورو ڪري رهيو آهي. انشاءَ ﷲ، اوهان به محفوظ رهندئو ۽ اوهان جا ايندڙ نسل به عزت ۽ وقار سان زندگي گذاريندا.