رپورٽ: حيدر ميراڻي، ڊبليو ٽي اين ڊاٽ ڪام سکر
پريا ڪماري جي بازيابي، ھندو نياڻين جي جبري مذھبي تبديلي، اغوا ۽ ڀتاخوري جي واقعن خلاف ھندو پنچائتن جي سڏ تي سکر ۾ ھندو برادري جو وڏو ڪٺ ٿيو.
ڪٺ ۾ سکر، لاڙڪاڻو ۽ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي مختلف پنچائتن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا، ڪٺ ۾ پريا ڪماري جي فوري بازيابي ۽ ھندو نياڻين جي جبري مذھبي تبديلي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ھندو برادري جي ڪٺ ۾ مکي ايشور لال، ڪلپنا ديوي، اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جو والد راجڪمار، مکي ھري لال، ڌرم داس راڌڻ، مکي وڪي ڪمار، ڊاڪٽر مھرچند، مرلي ڌر، ھريش لال، مکي سريش ڪمار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
نياڻيون به محفوظ نه آھن

ڪٺ کي خطاب ڪندي ھندو پنچائتن جي اڳواڻن چيو تھ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ھندو برادري سنگين خطرن کي منھن ڏئي رھي آھي، ھندو واپاري اغوا، ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جو نشانو بڻيل آھن، سندن نياڻيون بھ محفوظ نھ آھن.
اڳواڻن چيو تھ نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد ڏاڍائي جو نشانو بڻائي جبري طور کانئن مذھبي تبديلي ۽ پرڻن جا بيان ڏياريا وڃن ٿا، اھڙن واقعن تي حڪومت جي خاموشي افسوسناڪ آھي.
ھندو پنچائتن جي اڳواڻن ۽ مکين جي ڪٺ دوران سنڌ ھندو پنچائت قائم ڪرڻ جو اعلان بھ ڪيو ويو.
ڪٺ جي پڄاڻي تي ھندو پنچائت سکر جي اڳواڻ مکي ايشور لال، لاڙڪاڻي جي ڪلپنا ديوي ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس بھ ڪئي.
آرمي چيف ئي مسئلو حل ڪري سگھي ٿو
اڳواڻن چيو تھ سنڌ سرڪار توڙي وفاقي حڪومت سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ھندو برادري کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪيون آھن.
ھنن چيو تھ آرمي چيف ئي اسان جو مسئلو ڪري سگھي ٿي، تنھن ڪري اسان رڳو آرمي چيف کان مطالبو ڪيون ٿا تھ سنڌ ۾ ھندو برادري جو تحفظ يقيني بڻائي.
ايشور لال ۽ ڪلپنا ديوي چيو تھ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ کان ڪراچي جي تين تلوار ڪلفٽن تائين ڌرڻا ھنيا ويا، صوبائي گھرو وزير ۽ ٻين خاطريون بھ ڪرايون پر پريا ڪماري اڃا تائين بازياب نھ ٿي سگھي آھي.
پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ 2 ڪروڙ به ڏينداسين
مکي ايشور ۽ ڪلپنا ديوي چيو تھ جيڪڏھن پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيل واقعي بھ ھڪ ڪروڙ روپيا گھري رھيا آھن تھ پوءِ ھندو برادري ھڪ ڪروڙ نھ پر 2 ڪروڙ روپيا ڏيڻ لاءِ بھ تيار آھي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو تھ پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، اقليتن جي تحفظ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي.
سکر؛ اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارن طرفان اقليتي برادري جي تحفظ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.
پيءُ ڪٺ آڏو جھولي جھلي بيھي رھيو
ان کان اڳ ھندو برادري جي ڪٺ کي خطاب ڪندي پريا ڪماري جي پيءُ راجڪمار سڀني آڏو جھولي جھليندي ۽ ٻانھون ٻڌندي چيو تھ منھنجي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاريو ڪا تحريڪ ھلايو.
برادري جي ڪٺ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي پريا ڪماري جي پيءُ راجڪمار چيو تھ ڪچي جي ڌاڙيلن پاران اڄ بھ فون ڪري چيو پيو وڃي تھ پريا ڪماري ھنن وٽ آھي، ھو ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ گھري رھيا آھن.
راجڪمار چيو تھ جنھن نمبر تان فون ڪالز اچن ٿيون اھو اڄ بھ کليل آھي، پوليس ڪا بھ ڪارروائي نھ پئي ڪري.
ھڪ سوال جي جواب ۾ راجڪمار چيو تھ خورشيد شاھ ۽ ناصر شاھ وٽ بار بار ويو آھيان، پر ھو رڳو آسرا ڏئي رھيا آھن، خورشيد شاھ ۽ ناصر شاھ چاھين تھ منھنجي نياڻي واپس اچي سگھي ٿي.
پريا ڪماري کي 4 سال اڳ روھڙي جي علائقي سنگرار مان يوم عاشور جي موقعي تي عزادارن لاءِ سبيل ورھائڻ دوران اغوا ڪيو ويو ھو.