پاڪستان ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي پھرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 14 رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ھڪ ٻڙي تان سرسي حاصل ڪري ورتي آھي. آمريڪا جي شھر لائوڊرھل ۾ کيڏي ويل پھرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽاس کٽي پھريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽس جي نقصان تي 178 رنز ٺاھيون.
صائم ايوب 38 بالز تي ٻن ڇڪن جي مدد سان 57 رنز ٺاھيون
پاڪستان پاران اوپنر صائم ايوب شاندار بيٽنگ ڪندي 38 بالز تي ٻن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن جي مدد سان 57 رنز ٺاھيون، فخر الزمان 28، حسن نواز 24 ۽ فھيم اشرف 15 رنز اسڪور ڪيو. ويسٽ انڊيز جي شيمر جوزف 4 اوورز ۾ 30 رنس عيوض چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جيسن ھولڊر، عقيل حسين روماريو شيفرڊ ھڪ ھڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽس جي نقصان تي 164 رنز ٺاھي سگھي.
ويسٽ انڊيز 72 رنز جي اوپننگ پارٽنرشپ باوجود ھدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ويسٽ انڊيز جي اوپنرز شاندار شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 72 رنز جو آغاز فراھم ڪيو پر محمد نواز ھڪ ئي اوورز ۾ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪري ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو. ويسٽ انڊيز پاران جانسن چارليس ۽ جيول اينڊريو 35-35 رنز ٺاھي نمايان رھيا، جيسن ھولڊر 30 ۽ شيمر جوزف 21 رنز ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيا. پاڪستان پاران محمد نواز ٽن ۽صائم ايوب ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، شاھين شاھھ آفريدي ھڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي اوپنگ بيٽسمين صائم ايوب کي آل رائونڊر ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پاڪستان 21 ٽي ٽوئنٽي ميچز مان 15 ۾ ڪاميابي ماڻي چڪو
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ھيل تائين 21 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون ويون آھن، جن مان پاڪستان کي 15 ميچز کٽي چڪو آھي. ٽي ٽوئنٽي ايونٽ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان خلاف ڪا خاص ڪارڪردگي جو مظاھرو ناھي ڪيو، 21 ميچز مان ويسٽ انڊيز رڳو 3 ميچز کٽيون آھن، باقي ٽي ميچز بنا نتيجي ختم ڪيون ويون ھيون.پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽوئنٽي ميچ 3 آگسٽ ۽ سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ 4 آگسٽ تي آمريڪي شھر لائوڊرھل کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ ٽن ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز بھ رٿيل آھي، پھرين ون ڊي ميچ 8 آگسٽ تي جمعي ڏھاڙي ٽرائوبا ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي، سيريز جي ٻي ميچ 10 آگسٽ ۽ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 12 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کانپوءِ پاڪستان گڏيل عرب امارتن ۽ افغانستان خلاف ٽھ ملڪي سيريز کيڏندو، ٽھ ملڪي سيريز جون سموريون ميچز گڏيل عرب امارتن جي شھر شارجھ کيڏي ويندي.