راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا صبا قمر جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس فوري طور قائد اعظم انٽرنيشنل اسپتال راولپنڊي ۾ داخل ڪيو ويو آھي.
ميڊيا رپورٽس موجب صبا قمر کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران ھنگامي طور سندس اينجيو گرافي ۽ ٻيون ٽيسٽون بھ ڪيون ويون.
ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آھي تھ اسپتال آڻڻ وقت صبا قمر جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ھئي ۽ کيس فوري طبي امداد نھ ڏني وڃي ھا تھ سندس لاءِ زندگي ۽ موت جھڙي صورتحال ٿي وڃي ھا.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تھ بروقت علاج ۽ مڪمل نگراني کانپوءِ اداڪارا جي طبيعت ۾ بھتري آئي آھي ۽ کيس آءِ سي يو مان اسپتال جي وي آءِ پي روم منتقل ڪيو ويو آھي.
ذھني دٻاءَ اسپتال پھچايو؟
ميڊيا رپورٽس ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي صبا قمر ھڪ وڏي پراجيڪٽ تي لاڳيتو ڪم ڪري رھي ھئي ۽ شديد ذھني دٻاءَ ٿڪاوٽ جو شڪار ھئي، سندس حالت گھڻي ڪم ۽ ننڊ جي کوٽ سبب وڌيڪ خراب ٿي.

صبا قمر جي حالت ھاڻي بھتر آھي ۽ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽرن کيس ڪجھھ ھفتا آرام ڪرڻ ۽ جسماني پورھئي کان پرھيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي تھ جيئن مڪمل صحتيابي ممڪن ٿي سگھي.
اداڪارا صبا قمر انسٽا گرام تي ڊاڪٽرز سان گڏ پنھنجي تصوير شيئر ڪئي آھي ۽ پنھنجي ان پوسٽ ۾ ھن مداحن پاران پيار ۽ محبت جي اظھار تي سندن ٿورا مڃيا آھن.
پنھنجي انسٽا اسٽوري ۾ صبا قمر پنھنجي صحت بابت اپڊيٽ ڏيندي لکيو آھي تھ سڀني جي پيار ۽ دعائن جي مھرباني، مان ھاڻي بلڪل ٺيڪ آھيان، بس ٿوري ساھي ورتي آھي.
صبا قمر چيو تھ منھنجي واپسي ائين ٿيندي ڄڻ مان ڪڏھن وئي ئي نھ ھيس، ۽ نھ مان ڪيڏانھن وڃي رھي آھيان.
اداڪارا جي مداحن ۽ شوبز جي حلقن پاران سوشل ميڊيا تي سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواھشن جي اظھار جو سلسلو جاري آھي.
نئون پراجيڪٽ ۽ ٽي وي تي واپسي
صبا قمر پنھنجي نئين ڊراما پراجيڪٽ “پامال” سان ٽي وي تي واپسي ڪري رھي آھي.گرين انٽرٽينمينٽ جي ڊرامي پامال ۾ صبا قمر زندگيءَ جي ڏکيائين کي منھن ڏيندڙ عورت ملڪا جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.
ھن ڊرامي جي ڪردار ۾ بھ صبا سماجي ريتن رسمن ۽ روايتن کي للڪاريندي ۽ انھن جو مقابلو ڪندي ڏسڻ ۾ ايندي.
صبا قمر چيخ، باغي، فراڊ ۽ سنگت جھڙن ڊرامن ۾ ڏکيا ڪردار ادا ڪري پنھنجي اداڪاريءَ جو صلاحيتون مڃرائي چڪي آھي، ھوءَ ڊرامن ۾ سدائين اھڙا ڪردار ۽ پراجيڪٽ کڻڻ پسند ڪري ٿي جيڪي روايتون ٽوڙيندڙ ھجن ٿا.
صبا قمر جا سوشل ميڊيا تي 62 لک کان وڌيڪ فالووئرز آھن، سندس نئين پراجيڪٽ واري ڊرامي جو ٽيزر رليز ٿيڻ شرط مداحن ان جي واکاڻ شروع ڪري ڏني آھي.
صبا قمر پاڻ بھ پنھنجي نئين ڊرامي جي واکاڻ ڪندي چيو آھي تھ مان عورتن کي چونديس تھ اھي “پامال” ضرور ڏسن، ڇاڪاڻ تھ ھيءَ ڪا روايتي رومانس جي ڪھاڻي نھ آھي.
صبا قمر چيو تھ ڊرامو انھن عورتن جي لاءِ آھي جيڪي سماج جي توقعات تي پورو لھڻ جي ڪوشش دوران پنھنجو وجود ۽ پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويھن ٿيون.