لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۾ جاري ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز (ڊبليو سي ايل) ۾ ڀارت رائونڊ ميچ کانپوءِ پاڪستان خلاف سيمي فائنل کيڏڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو، شاهينن کي واڪ اوور ملڻ کانپوءِ فائنل تائين رسائي ملي وئي.
ڀارت جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جيان انڊين ليجنڊز ٽيم به پاڪستان خلاف ليجنڊز ليگ جي سيمي فائنل ميچ مان هٿ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، ڀارتي ٽيم جي هٿ ڪڍڻ کانپوءِ پاڪستان چيمپيئنز کي واڪ اوور مليو.
واڪ اوور ملڻ سبب پاڪستان چيمپئنز جي ٽيم سڌي فائينل ۾ پھچي وئي.
پاڪستان چيمپيئنز جي ڪوچ ارشد خان اھڙي اڳڀرائي جي تصديق ڪندي چيو تھ پاڪستان ٽيم ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي فائينل ۾ پهچي وئي آهي، ٽيم جي فائينل ۾ به سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي.
سيمي فائينل مان ڀارتي ٽيم جي دستبرداري جي تصديق ڪندي بين الاقوامي ايونٽ جي انتظاميا چيو آهي ته اسان جو خيال آھي ته راندين ۾ دنيا تي اثر انداز ٿيڻ ۽ مثبت تبديلي آڻڻ جي طاقت موجود آهي.
تنھن ھوندي بھ سڀني جي راءِ جو احترام هميشه ضروري آهي، اسان جيڪو به ڪريون ٿا، اهو پنھنجي ناظرين لاءِ ڪيون ٿا.
انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسان انڊيا چيمپئنز جي سيمي فائينل نھ کيڏڻ واري فيصلي توڙي مقابلي لاءِ پاڪستان چيمپئنز جي تيارين جو به احترام ڪريون ٿا.
اسپانسر به پٺتي هٽي ويو
ليجنڊز ليگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي، انڊيا چيمپئنز ۽ پاڪستان چيمپئنز جي وچ ۾ رٿيل سيمي فائينل جو دنگل ختم ڪيو ويو آھي.
بيان ۾ چيو ويو تھ ڀارت پاران مقابلي تان ھٿ کڻڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان چيمپئنز ٽيم ايونٽ جي فائينل ۾ پهچي وئي آهي.

ان کان اڳ ٽورنامينٽ جي ڀارتي اسپانسر نشھانت پيٽي به پاڪ-ڀارت سيمي فائنل ميچ تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو.
اسپانسر ڪمپني جي سربراهه نشھانت پيٽي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته اسان ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ٽيم انڊيا جي تعريف ڪريون ٿا، قوم کي توھان تي فخر آھي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف طئي ٿيل سيمي فائينل رڳو هڪ ٻي ميچ نھ آھي، اسپانسر ڪمپني جي حيثيت سان اسان انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊبليو سي ايل جي رٿيل ميچ ھٿ کڻي رھيا آھيون.
ھن چيو تھ ڪجهه شيون راندين کان وڌيڪ اهم ھونديون آهن، پهرين قوم ۽ پوءِ ڪاروبار.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ليجنڊز ليگ جي رائونڊ ميچ بھ 20 جولاءِ تي رٿيل ھئي، پر ڀارتي رانديگرن جي ھوڏجي ڪري ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي شيڊول ۾ شامل اھا ٽي ٽوينٽي ميچ بھ منسوخ ڪئي وئي.
آرگنائيزرز موجب اڳوڻي ڀارتي اوپننگ بيٽسمين شيکر ڌون ۽ ٻين ڀارتي رانديگرن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جو سبب ڄاڻائيندي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو.