ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي ٽيڻو قتل: 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شاھنواز شر

ڪراچي ۾ گھگھر ڦاٽڪ ويجهو بي رحمي سان قتل ڪيل زال مڙس ۽ سندن معصوم پٽ جا لاش بلوچستان ۾ سندن اباڻي علائقي لسٻيلو اماڻيا ويا پر وارثن لاش وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

نوجوان عبدالحميد وڌيو، سندس زال سڪينه ۽ معصوم پٽ عبدالنبي کي ڪالهه سندن گهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو ھو.

وارثن جي انڪار کانپوءِ ٽنهي مقتولن جا لاش بلوچستان مان ٻيھر ڪراچي منتقل ڪيا ويا، جتي مقتول عبدالحميد وڌيو جي ڀاءُ امام بخش ۽ ٻين ٽئي لاش وصول ڪيا.

ملير جي اڪبر ڳوٺ ۾ ٽنھي مقتولن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، مقتول جي ڀاءَ امام بخش جي فرياد تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ٽيڻي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.

جوابدارن جا نالا سامھون اچي ويا

سيڪشن 302 تحت داخل ڪرايل ڪيس ۾ 6 ڄاتل جوابدارن سميت 8 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آھي.

فريادي امام بخش ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي تھ جوابدار شھزادو عرف راجا ولد گلاب خان، گلاب خان، مقيم خان ولد راجا خان، گوتار ولد راجا خان، نصرالله ولد ايوب عرف بابل خان ۽ مير علي عرف حسن ۽ 2 اڻڄاتل جوابدار قتل ۾ ملوث آھن.

امام بخش موجب سندس ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ معصوم ڀائيٽي کي رات 2 وڳي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، ھن اپيل ڪئي تھ قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

پوليس موجب جوابدار واردات کانپوءِ بلوچستان فرار ٿي ويا آھن، سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن.

ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون محمد اسلم بلو ڪالهه ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو هو ته عبدالحميد ۽ سڪينه جي شادي کانپوءِ بلوچستان جي هڪ مقامي سردار جرڳو ڪيو هو.

جرڳي ۾ نوجوان عبدالحميد کي ڏوھاري قرار ڏنو ويو ھو ۽ 2 سڱ چٽيءَ طور ڏيڻ جي سزا ٻڌائي وئي ھئي.

عبدالمجيد ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي زال ۽ پٽ سان گڏ ڪراچي آيو هو، جتي ھنن گھگهر ويجهو هڪ گهر ڪرائي تي ورتو هو. مقتول عبدالمجيد گھر ھلائڻ لاءِ ھڪ فيڪٽري ۾ مزدوري ڪري رھيو ھو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ بھ طلب ڪئي هئي.

ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي قتل جو هي ٻيو واقعو آهي. ان کان اڳ، ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ چائنا پورٽ ويجهو گوجرانوالا جي هڪ جوڙي، ثنا ۽ ساجد کي قتل ڪيو ويو هو.

گوجرانوالا پوليس ٻٽي قتل ڪيس ۾ مقتولھ ثنا جي ڀاءُ وقاص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں