ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي محتسب اعليٰ ڪي-اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) مونس علوي تي عورت آفيسر کي ھيسائڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 25 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي ۽ کيس عھدي تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
صوبائي محتسب اعليٰ جسٽس (ر) شاهه نواز طارق، مونس علوي تي ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي چيف مارڪيٽنگ آفيسر مھرين زھرھ کي ھيسائڻ تي متاثر عورت کي 25 لک روپيا ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
صوبائي محتسب پنھنجي فيصلي ۾ چيو آھي تھ ڏنڊ ادا نھ ڪرڻ جي صورت ۾ مونس علوي جي منقولھ ۽ غير منقولھ ملڪيت ضبط ڪئي وڃي ۽ سندس پاسپورٽ بھ بلاڪ ڪيو وڃي.
مھرين زھرا ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف پروٽيڪشن اگينسٽ ھراسمينٽ آف وومين ايٽ دي ورڪ پليس ايڪٽ 2010 تحت صوبائي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي ھئي.
متاثر عورت مونس علوي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين عھديدارن پاران ھيسائڻ، ڌمڪائڻ ۽ اذيت پھچائڻ جا الزام ھنيا ھئا.
ھيسائڻ ۽ بدسلوڪي جا الزام
متاثر عورت پاران داخل ڪرايل شڪايت ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ کيس آڪٽوبر 2019 ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو ھو، پر بعد ۾ 26 ڊسمبر 2019 تي سي ايم سي او طور ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو.
ھن دعويٰ ڪئي تھ ملازمت دوران کيس مونس علوي پاران نامناسب تبصرن ۽ عملن جو منھن ڏسڻو پيو.
پنھنجي درخواست ۾ عورت آفيسر الزام ھڻندي چيو ھو تھ کيس رات جي وقت اڪيلي ڪافي يا ڊنر جي دعوت تي گھرايو ويو، جتي تڪليف ڏيندڙ ۽ بيھودھ قسم جا تبصرا بھ ڪيا ويا.
متاثر عورت چيو تھ مونس الاھي ھڪ اھڙو ماحول پيدا ڪيو، جنھن ۾ ھوءَ پاڻ کي لاڳيتو خطري ۾ محسوس ڪندي ھئي.
ھن دعويٰ ڪئي تھ مٿس مبينا طور ھفتي جي 7 ئي ڏينھن ۾ 24 ڪلاڪ دستياب رھڻ جو دٻاءُ وڌو ويو، اڪثر ويڪ اينڊز تي اھڙي وقت ون ٽو ون ملاقاتن لاءِ گھرايو ويندو ھو، جڏھن ٻيو ڪير بھ موجود نھ ھوندو ھو.
محتسب اعليٰ جو تحريري فيصلو

محتسب اعليٰ جي تحريري فيصلي موجب متاثر عورت دعويٰ ڪئي تھ مونس علوي ھن جي سامھون پير ڊگھا ڪندو ھو، ڪڏھن ھڪ ڄنگھھ صوفي تي رکندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجا جورابا، ٽائي ۽ جيڪيٽ لاھي ڇڏيندو ھو.
مھرين زھرھ موجب سندس خيال ۾ مونس علوي جو اھو رويو انتھائي نامناسب ھو.
محتسب اعليٰ جي تحريري حڪم ۾ اھو بھ لکيو ويو آھي تھ مونس علوي آڏي پڇا دوران ان رويي جو اعتراف ڪيو ۽ چيو تھ ھو نماز پڙھڻ لاءِ سندس موجودگي ۾ پنھنجي ٽائي، جورابا ۽ جيڪيٽ لاھيندو ھو.
محتسب اعليٰ جي تحريري فيصلي موجب ساٿي عورتن جي موجودگي ۾ اھڙو رويو مذمت جوڳو ۽ قبول نھ ڪرڻ جوڳو آھي.
تحريري فيصلي موجب مونس الاھي پنھنجي دفاع ۾ الزامن جي ترديد ڪندي چيو تھ عورت جي نوڪري شڪايت ڪرڻ کان ھڪ مھينو اڳ ختم ڪئي وئي ھئي ۽ ھن اھي الزام نوڪري ختم ڪرڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ لڳايا.
ھن دعويٰ ڪئي تھ ھو ھڪ پروفيشنل ۽ پرسڪون شخصيت جو مالڪ آھي ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ برابري جي موقعن جو ڪلچر آھي، جتي پدرشاھي، جنسي ۽ جارحاڻن روين جي ڪا گنجائش نھ آھي.
محتسب اعليٰ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ جي موقف کي رد ڪندي قرار ڏنو تھ متاثر عورت پنھنجي نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ سيپٽمبر 2020 ۾ واٽس ايپ پيغامن ذريعي بورڊ جي ھڪ ميمبر کي علوي جي نامناسب رويي جي باري ۾ شڪايت ڪئي ھئي.
محتسب اعليٰ موجب عورت کي “ناقص ڪارڪردگي” جي ڪوڙي بھاني ذريعي نشانو بڻايو ويو، ڇاڪاڻ تھ ھن آواز اٿارڻ جي جرئت ڪئي ھئي.
فيصلو پريشان ڪندڙ آھي: مونس علوي
صوبائي محتسب پاران ٻڌايل سزا واري فيصلي تي ردعمل ظاھر ڪندي مونس علوي چيو آھي تھ مون هميشه پروفيشنل لاڳاپن ۾ ديانت ۽ وقار جي قدرن کي برقرار رکيو آھي.
مونس علوي چيو تھ مان ملازمت واري ھنڌ کي سڀني لاءِ محفوظ بڻائڻ تي يقين رکان ٿو. ھاڻوڪو فيصلو منھنجي لاءِ پريشان ڪندڙ آھي.
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو تھ جيتوڻيڪ ھو قانوني عمل ۽ ان کي برقرار رکندڙ ادارن جو احترام ڪري ٿو پر کيس نيڪ نيتي سان اھو چوڻو پوي ٿو تھ اھي نتيجا ان صورتحال جي عڪاسي نھ ٿا ڪن، جنھن مان ھو گذريو آھي.
مونس علوي چيو تھ ھو في الحال پنھنجي قانوني ايڊوائيزر سان گڏ ان فيصلي جو جائزو وٺي رھيو آھي ۽ اپيل واري پنھنجي حق کي استعمال ڪندو.
ياد رھي تھ ڪي-اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز هلندڙ مهيني مونس علوي کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) طور ٻيهر مقرر ڪيو هو.
ڪي-اليڪٽرڪ پاران جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ھو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز، 7 جولاءِ تي ٿيل پنهنجي اجلاس ۾ مونس علوي کي اداري جو ٻيھر سي اي او مقرر ڪيو آھي.
ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان مطابق مونس علوي 2008 ۾ ڪي-اليڪٽرڪ ۾ شامل ٿيو ۽ سي اي او بڻجڻ کان اڳ ھو چيف فنانشل آفيسر، ڪمپني سيڪريٽري ۽ هيڊ آف ٽريزري جي عھدن تي ڪم ڪري چڪو آھي.