سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ لاڳيتو واڌ کانپوءِ سکر ۽ گڊو بئراجز وٽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته ٺل ۾ ڳڙهي حسن ڊسٽري کي 100 فوٽ جو گهارو پئجي ويو آهي.
سکر بئراج وٽ ھفتي کان ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، 24 ڪلاڪن ۾ 15 ھزار ڪيوسڪس واڌ کانپوءِ پاڻيءَ جا وهڪرا پوڻا چار لک رڪارڊ ٿيا آهن.
گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي جا وهڪرا وڌيا آهن، ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي آهي.
مڇي جي شڪار ۾ اضافو
ڪوٽڙي بئراج وٽ 10 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌڻ سبب مالوند ماڻھن جي ڪاروبار ۽ مڇي جَي شڪار ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ڪارونجهر ۾ اضافي پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.
گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانھون وھڪرو 4 لک 24 ھزار 239 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 90 ھزار 107 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آھي.

گڊو بيراج جي پيٽ مان نڪرندڙ ڪينال ڊيزرٽ پٽ فيڊر ۾ 10 ھزار 747 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، بيگاري سنڌ فيڊر ۾ 13 ھزار 725 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.
فيڊرز ۾ ڪيترو پاڻي ڇوڙ پيو ٿئي؟
گڊو بيراج مان نڪرندڙ گھوٽڪي فيڊر ۾ 9 ھزار 660 ڪيوسڪس پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.
سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 75 ھزار 341 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 15 ھزار 881 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانھون وھڪرو ھڪ لک 60 ھزار 60 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو ھڪ لک 23 ھزار 595 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو.
ڊسٽري کي 100 فوٽ گهارو
ٻئي پاسي ٺل ۾ ڳڙھي حسن ڊسٽري کي آرڊي 40 وٽان 100 فٽ جو گھارو پئجي ويو آهي، آبادگارن موجب ساريالو فصل ٻڏي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ سبب بيچيني به پکڙيل آهي.
آبادگارن موجب آبپاشي اختيارين گهارو بند ڪرڻ لاءِ تحرڪ ناهي ورتو، جڏهن ته انتظاميا جو چوڻ آهي ته مشينري موڪلي وئي آهي، جلد گهارو بند ٿي ويندو.