سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي خالي ٿيل 52 سيٽن تي ننڍي چونڊن جي شيڊول جو اعلان، پولنگ 24 سيپٽمبر تي ٿيندي

فہرستِ مضامین

ڪراچي/ڊبليو ٽي اين ڊيسڪ

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي خالي ٿيل 52 سيٽن تي ننڍي چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ضلعن جي خالي سيٽن تي چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون.

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان پاران جاري ڪيل شيڊول موجب، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، نوشهروفيروز، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ مٽياري سان گڏ ڪراچي ويسٽ، ڪياماڙي ۽ ڪراچي ايسٽ ۾ به چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون.

جاري ڪيل شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مرحلو 21 کان 23 آگسٽ تائين جاري رهندو، اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 25 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي.

ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 26 کان 28 آگسٽ تائين ٿيندي

نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 26 کان 28 آگسٽ تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 8 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. اميدوارن کي چونڊ نشان 9 سيپٽمبر 2025 تي الاٽ ڪيا ويندا.

سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 52 خالي پيل بلدياتي سيٽن لاءِ پولنگ 24 سيپٽمبر تي ٿيندي.

ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن ۾ چونڊون ٿينديون

ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن ۾ پنج بلدياتي سيٽن تي ننڍيون چونڊون ٿينديون. اوڀر ضلعي ۾ ٽي ايم سي سهراب ڳوٺ جي يوسي 8 ۾ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اولهه ضلعي ۾ ٽي ايم سي منگهو پير جي يوسي 10 ۾ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ به پولنگ ٿيندي، ٽي ايم سي اورنگي جي يوسي نمبر 1 ۽ 7 ۾ چيئرمين ۽ جنرل ميمبر جي سيٽن لاءِ به ننڍي چونڊ ٿيندي.

ڪياماڙي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي 8 ۾ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊن لاءِ ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪيا آهن. اوڀر، اولهه ۽ ڪياماڙي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ڊي آر اوز طور فرض سرانجام ڏيندا.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آھي تھ جن بھ علائقن ۾ ننڍي چونڊ ٿي رھي آھي، اتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن توڙي انتظاميا پاران ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪرڻ ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال تي پابندي ھوندي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ننڍي چونڊ وارن سمورن علائقن ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين تي بھ مڪمل پابندي ھوندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں