ڪراچي ۾ گجرانوالا واسي جوڙو قتل،ناري جو ڀاءُ گرفتار: واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ چائنا پورٽ ويجهو 25 جولاءِ تي سمنڊ ڪناري تان ناري ۽ نوجوان جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو بوٽ بيسن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوڙي کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا واقعي جا تفصيل ٻڌايا آهن ته ناري جي سڃاڻپ ثناءَ آصف ۽ نوجوان جي ساجد مسيح طور ٿي آهي، ٻنهي جو تعلق پنجاب جي شهر گجرانوالا جي هڪ ڳوٺ سان ٻڌايو پيو وڃي.

پوليس موجب ثناءَ جي اغوا جو ڪيس گجرانوالا ۾ سندس ڀاءُ وقاص جي مدعيت ۾ داخل هو، جنهن ساجد مسيح ۽ ٻين ماڻهن کي نامزد ڪيو هو.

ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته وقاص کي گوجرانوالا پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، شروعاتي جاچ موجب جوڙي جي قتل  ۾ ڪو ويجهو مائٽ ملوث ٿي سگهي ٿو.

اسد رضا ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم ايم پسٽل جا خول ۽ هڪ موبائيل فون هٿ آيا آهن، مقتولن جا مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

ثناءَ ۽ ساجد جا لاڳاپا ۽ وقاص جو ڪردار

پوليس موجب شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته واقعو غيرت جي نالي تي ٿيو آهي، واقعي واري هنڌ تان هٿ آيل پسٽل جا خول ۽ موبائيل فون جو جائزو ورتو پيو وڃي، فارنزڪ جاچ به شروع ڪئي وئي آهي، ڪال رڪارڊنگ ۽ ڊيٽا ٽريس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن مقتولن جي پس منظر ۽ لاڳاپن جو پتو پئجي سگهي.

ناري ۽ نوجوان کي ڪنڌ ۾ گولي هنئي وئي

هيءَ واقعو بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، پوليس مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

جناح اسپتال جي ميڊيڪل ليگل رپورٽ موجب ثناءَ آصف ۽ ساجد مسيح کي پٺي ڀر بيهاري ڪنڌ ۾ هڪ هڪ گولي هنئي وئي آهي، جوڙي جو موت گهڻو رت وهڻ سبب ٿيو.

رپورٽ موجب گذريل منجهند 2 لڳي 30 منٽن تي ناري ۽ نوجوان جا لاش جناح اسپتال آندا ويا، ٻنهي جي عمر 30 کان 35 سال جي لڳ ڀڳ لڳي رهي آهي.

ثناءَ 24 جولاءِ جي رات کان گم هئي

ڪراچي پوليس موجب ثناءَ آصف جي اغوا جو ڪيس 24 جولاءِ تي گوجرانوالا جي مقامي ٿاڻي تي مقتولا جي ڀاءُ وقاص جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ مقتول ساجد مسيح سميت ٻين ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو.

پوليس موجب وقاص ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ثناءَ 24 جولاءِ جي رات کان گم آهي، خبر پئي آهي ته ساجد مسيح پنهنجي دوستن سان گڏجي منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪري ويو آهي.

گوجرانوالا پوليس ثناءَ آصف جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ساجد مسيح ۽ ٻين جي گهرن تي ڇاپا هنيا پر ڪا اڳڀرائي نه ٿي.

ثناءَ آصف ۽ ساجد مسيح جا لاش چائنا پورٽ لڳ سمنڊ ڪناري وٽان هٿ اچڻ کانپوءِ ڪراچي پوليس گوجرانوالا پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن بعد ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ سندس ڀاءُ وقاص کي پنجاب پوليس حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي.

ذريعن موجب ڪراچي جي بوٽ بيسن پوليس ثناءَ جي ڀاءُ وقاص جي حوالگي جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، واقعي جي جاچ لاءِ وقاص کان پڇاڳاڇا ڪيس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں