ھمايون شريف ويجھو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي بعد جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لھي ويون آھن، ٽرين کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڪيو ويو، مسافر پريشان رهيا، ريلوي اختيارين موجب ريل گاڏيءَ جون 4 بوگيون ٽريڪ تان لھي وڃڻ سبب ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ جيڪب آباد شڪارپور ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي بعد جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لھي ويون، مسافر ٽرين مان ھيٺ لھي آيا. ٽرين بيھجي وڃڻ سبب مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن.
جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لھي وڃڻ بعد ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آھي.
وڏي وزير جو نوٽيس، دهشتگردن کي پڪڙڻ جو حڪم

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي تھ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو رياست خلاف دھشتگردي آھي، ذميوارن کي معاف نھ ڪيو ويندو.
ان کان اڳ 18 جون تي بھ جيڪب آباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون 7 بوگيون پٽڙيءَ تان لھي ويون ھيون.
واقعو تخريبڪاري يا حادثو؟
ٽرين حادثي بابت پوليس تخريبڪاري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، پوليس ذريعن موجب ريلوي ٽريڪ کي رات دير سان بم سان نقصان پهچايو ويو، جنهن سبب جعفر ايڪسپريس جون بوگيون پٽري تان لهي ويون.
هوڏانهن سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم جعفر ايڪسپريس ٽرين واقعي بابت ذميواري قبول ناهي ڪئي، پوليس جاچ شروع ڪئي آهي.
ٽرين حادثن سبب مسافرن ۾ پريشاني
بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس سان پيش آيل واقعي کانپوءِ مسافر ٽرين جي سفر ۾ ٻڏتر جو شڪار رهن ٿا، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ريلوي ٽريڪ جي حالت خراب هُجڻ سبب اڪثر ٽرينون پٽڙي تان لهي وينديون آهن ۽ مسافرن کي جاني توڙي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي.
ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي مسافرن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جڏهن ٽرين سان حادثو پيش آيو ته اسان گهٻراهٽ جو شڪار ٿي وياسين، ذهن ۾ مختلف خيال پئي آيا.