حيدرآباد / سکر / لاڙڪاڻو / ميرپورخاص / بدين: (نمائندن وٽان ) وفاقي حڪومت پاران بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مجوزه نجڪاري خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هزارين ملازمن احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ جلسا ڪيا. احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي جي ادارن جي نجڪاري وارو منصوبو فوري طور واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
سنڌ ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ واپڊا، هيسڪو، سيپڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريليون ڪڍيون ۽ نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بجلي جي ورهائيندڙ ڪمپنين کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ سان نه رڳو هزارين ملازمن جو روزگار خطري ۾ پوندو، پر عوام لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو به خدشو آهي.
يونين اڳواڻن چيو ته حڪومت عالمي مالياتي ادارن جي شرطن تي عمل ڪندي قومي ادارن کي خانگائي شعبي حوالي ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته بجلي جي شعبي جا بنيادي مسئلا انتظامي ڪمزوري، بجلي چوري، گردشي قرضا ۽ مناسب سيڙپڪاري جي کوٽ آهن، جن جو حل نجڪاري نه پر سڌارا آهن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جي شعبي ۾ سالن کان خالي پيل جاين تي ڀرتيون ڪيون وڃن، فيلڊ عملي کي جديد حفاظتي سامان فراهم ڪيو وڃي، ڊيوٽي دوران حادثن جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ۽ ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.
يونين اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت نجڪاري وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي، جنهن ۾ هڙتالون ۽ ٻيا جمهوري احتجاج به شامل ٿي سگهن ٿا. هنن چيو ته سندن جدوجهد رڳو ملازمن جي حقن لاءِ نه، پر عوامي مفاد ۽ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ پڻ آهي.