ننگرپارڪر/ڇڇو گجر : (نمائندن وٽان ) ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر ڀرسان واقع ڳوٺ ڇڇي گجر ۾ 22 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ اجتماعي شادين جو اهتمام ڪيو ويو، جتي 29 گهوٽن جون شاديون هڪ ئي تقريب ۾ ڪرايون ويون. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڳوٺ ۾ خوشين جي واپسي سبب علائقي ۾ عيد جهڙو ماحول نظر آيو.
مقامي ماڻهن موجب، گذريل 22 سالن دوران ڳوٺ کي اهڙين ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، جن سبب ڪيترن ئي خاندانن جا نوجوان ۽ ٻار فوت ٿيندا رهيا. ان صورتحال سبب ڪيترن ئي گهرن ۾ شاديون ملتوي ٿينديون رهيون ۽ ڪيترن خاندانن خوشين جون تقريبون منعقد نه ڪيون.
هاڻي ڊگهي عرصي کان پوءِ، ڳوٺ جي معززن، سماجي اڳواڻن ۽ خيرخواهن جي سهڪار سان 29 نوجوانن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين، مٽن مائٽن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي، جڏهن ته نون جوڙن لاءِ گڏيل دعائون پڻ ڪيون ويون.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هي تقريب صرف شادين جو پروگرام نه، پر ڏکن، محرومين ۽ ڊگهي انتظار کانپوءِ اميد جي نئين شروعات جي علامت آهي. ڪيترن ئي بزرگن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان پوءِ ڳوٺ ۾ اهڙي خوشي ڏسڻ سندن لاءِ يادگار لمحو آهي.
تقريب دوران نون جوڙن کي گهريلو استعمال جون مختلف شيون پڻ ڏنيون ويون، جڏهن ته مقامي ماڻهن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو مستقبل ۾ به اهڙن اجتماعي ڀلائي وارن منصوبن کي جاري رکندا.