اسلام آباد:(بيورورپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن، اوچتن ٻوڏن ۽ جبلائي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي خطري بابت الرٽ جاري ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ايندڙ ڏينهن دوران مون سون برساتن جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب پنجاب، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون. برساتن جي نتيجي ۾ هيٺاهين علائقن ۾ شهري ٻوڏ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ اوچتن ٻوڏن جا خدشا موجود آهن.
اداري خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب ننڍن ۽ وڏن ندين، نالن ۽ برساتي واهن ۾ پاڻي جي سطح اوچتو وڌي سگهي ٿي، تنهن ڪري دريائن جي ڪنارن ۽ هيٺاهين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص احتياط ڪرڻ گهرجي.
اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽين، ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ادارن ۽ ميونسپل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته نيڪال واري نظام کي فعال رکيو وڃي، هنگامي امدادي ٽيمون تيار رکيون وڃن ۽ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن.
اداري شهرين کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته خراب موسم دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، برساتي نالن، تيز وهڪرن ۽ ٻوڏ واري پاڻي مان گذرڻ کان احتياط ڪن، جڏهن ته جبلائي علائقن ڏانهن ويندڙ سياح موسم جي تازي صورتحال کان آگاهه رهندي سفر جو منصوبو ٺاهين.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته هنگامي حالتن بابت عوام کي بروقت آگاهي ڏيڻ لاءِ جديد نگراني وارو نظام استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا چوويهه ڪلاڪ صورتحال تي نظر رکي رهيا آهن. اداري شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ريسڪيو ادارن سان فوري رابطو ڪن.