ڪراچي: (بيورورپورٽ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڊجيٽل تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کڻندي سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ 20 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپن جو اعلان ڪيو آهي. ان سان گڏ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن لاءِ گوگل جيمني تي ٻڌل مصنوعي ذهانت بابت تعارفي ۽ تربيتي سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جديد دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ادارن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا جون حڪومتون فيصلا سازي کي وڌيڪ مؤثر، عوامي خدمتن کي تيز، شفاف ۽ جوابده بڻائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جو وڏي پيماني تي استعمال ڪري رهيون آهن، تنهن ڪري سنڌ کي به هن شعبي ۾ اڳتي وڌائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار جون ڊجيٽل صلاحيتون فراهم ڪرڻ سان نه رڳو سندن روزگار جا موقعا وڌندا، پر هو عالمي آن لائين مارڪيٽ ۾ به مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻجندا. گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ پروگرام ذريعي شاگردن کي مختلف جديد شعبن ۾ عالمي سطح تي مڃيل تربيت ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل انهن قدمن ۾ ٽي اهم منصوبا شامل آهن:
* سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ 20 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپن جي شروعات.
* وڏي وزير هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن لاءِ گوگل جيمني مصنوعي ذهانت بابت تربيتي پروگرام.
* اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سنڌ جي پهرين گوگل جيمني فار ايجوڪيشن ڪارنر جو افتتاح.
تقريب دوران ماهرن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته مصنوعي ذهانت تعليم، صحت، انتظاميا، صنعت، تحقيق ۽ ڪاروبار سميت تقريباً هر شعبي ۾ تيزي سان تبديليون آڻي رهي آهي. جديد اوزارن جي استعمال سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي، جڏهن ته شاگرد عالمي روزگار جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقابلي جي قابل ٿي سگهن ٿا.
سنڌ حڪومت موجب هي قدم صوبي ۾ ڊجيٽل معيشت جي واڌ، جديد تعليم جي فروغ ۽ نوجوانن کي عالمي سطح جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن سان مستقبل ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ملڻ جي اميد آهي.