تهران / بيجنگ / نئين دهلي /(انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي پابندين سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايران جا اربين ڊالرن جا اثاثا ۽ ادائگيون سالن کان منجمد آهن. جيتوڻيڪ چين، ڀارت ۽ عراق ايران جا اهم واپاري ڀائيوار آهن ۽ انهن تي ايران جا وڏا مالي واجبا به آهن، پر اهي ملڪ به آمريڪي پابندين جي ڪري اهي رقمون سڌي ريت ايران کي منتقل ڪرڻ کان لاچار آهن.
ماهرن موجب آمريڪا جي مالي پابندين جو دائرو ايترو وسيع آهي جو جيڪڏهن ڪو ملڪ يا بينڪ انهن پابندين جي ڀڃڪڙي ڪري ايران کي ادائيگي ڪري، ته ان تي به سخت پابنديون لڳي سگهن ٿيون، عالمي بئنڪنگ نظام تائين رسائي محدود ٿي سگهي ٿي ۽ آمريڪي مارڪيٽ مان نيڪالي جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ڪيترائي ملڪ احتياط کان ڪم وٺن ٿا.
چين ايران کان سالن تائين خام تيل خريد ڪندو رهيو آهي، پر ڪيترين ادائيگين بابت مختلف رپورٽن موجب رقم مڪمل طور ايران تائين منتقل نه ٿي سگهي آهي. چين جي ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ بئنڪن کي آمريڪي پابندين جو خدشو هوندو آهي، تنهن ڪري هو ادائيگين لاءِ پيچيده مالي طريقا اختيار ڪن ٿا يا ڪجهه رقم روڪي رکن ٿا.
ڀارت ماضي ۾ ايران کان وڏي مقدار ۾ تيل خريد ڪندو هو. آمريڪي پابندين کان پوءِ ڀارت تيل جي درآمد گهٽائي ڇڏي. ايران جي نالي تي موجود ڪجهه رقم ڀارتي بئنڪن ۾ مقامي ڪرنسي جي صورت ۾ رهي، جنهن کي ايران پنهنجي مرضي سان عالمي واپار لاءِ استعمال نه ڪري سگهيو. انهن پئسن مان محدود حد تائين صرف مخصوص شين، جهڙوڪ دوائن يا خوراڪ جي خريداري جي اجازت هوندي رهي.
عراق تي به ايران جا اربين ڊالر واجب الادا آهن، خاص طور ايران کان درآمد ٿيندڙ گئس ۽ بجلي جي عيوض. پر آمريڪي پابندين سبب بغداد اها رقم سڌي طرح تهران کي منتقل نٿو ڪري سگهي. ڪيترين ئي حالتن ۾ آمريڪا محدود استثنا ڏئي ٿو، جنهن تحت اهي فنڊ صرف انساني ضرورتن، جهڙوڪ دوائن، خوراڪ يا ٻين ضروري شين جي خريداري لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا، نه ته آزاد پرڏيهي مٽاسٽا طور.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڊالر عالمي واپار ۽ بينڪن جي نظام ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ ڪري دنيا جا گهڻا ملڪ ۽ مالي ادارا آمريڪي پابندين جي خلاف وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، ڇاڪاڻتہ ان سان سندن عالمي ڪاروبار متاثر ٿي سگهي ٿو.
ايران بار بار مطالبو ڪندو رهيو آهي ته سندس جائز اثاثا آزاد ڪيا وڃن، ڇو ته اهي ملڪ ايران جا قرضي آهن. تهران جو چوڻ آهي ته پابندين سبب عام ايراني معيشت، دوائن جي فراهمي، صنعتي ترقي ۽ عوامي ڀلائي متاثر ٿي رهي آهي.
تجزئي نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پابندين بابت ڪو نئون سفارتي معاهدو يا ايٽمي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي، ته منجمد اثاثن جي آزادي جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو. پر جيستائين پابنديون برقرار آهن، تيستائين چين، ڀارت، عراق ۽ ٻيا ملڪ ايران جا اربين ڊالر مڪمل طور منتقل ڪرڻ ۾ قانوني ۽ مالي رڪاوٽن کي منهن ڏيندا رهندا.