پنجاب جي 6 ضلعن ۾ ماحول دوست گرين بس سروس جو افتتاح ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جي عوام لاءِ سفري سهولتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي، ۽ گرين بس سروس مان خاص طور تي عورتون فائدو حاصل ڪري رهيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته گرين بس سروس جو دائرو مرحليوار سڄي صوبي تائين وڌايو پيو وڃي، ۽ پنجاب جي سڀني 148 تحصيلن ۾ بسون هلائبيون.
وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته گرين بسون نه رڳو سستو سفر مهيا ڪن ٿيون پر ماحول دوست به آهن، ۽ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙي تي سفري سهولتون ڏنيون پيون وڃن۔