لائیو اوڙيسا: اٺين جماعت جي ڪتاب ۾ ايشوريا راءِ جو گانو شامل ٿيڻ تي تڪرار پيدا ٿي ويو

فہرستِ مضامین

ڀارت جي رياست اوڙيسا ۾ اٺين جماعت جي نصابي ڪتاب ۾ بالي ووڊ جي مشهور گاني “نِمبوڙا نِمبوڙا” جا لفظ شامل ٿيڻ بعد نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو گانو اٺين جماعت جي آرٽ ايجوڪيشن جي نصابي ڪتاب ’ڪيرتي‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ڀارت جي قومي تعليمي پاليسي 2020ع تحت تيار ڪيو ويو هو.

نصابي ڪتاب ۾ مشهور بالي ووڊ فلم ’هم دل دے چُڪي صنم‘ جي گاني ’نِمبوڙا نِمبوڙا‘ جا لفظ راجسٿاني لوڪ گيت طور شامل ڪيا ويا آهن. اهو گانو بلاڪ بسٽر فلم ۾ ايشوريا راءِ ۽ سلمان خان تي فلمايو ويو هو، جيڪا 1999ع ۾ رليز ٿي هئي۔

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيئن ئي نصابي ڪتاب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ماڻهن اوڙيسا جي ثقافتي ۽ لوڪ ورثي کي فروغ ڏيڻ بدران بالي ووڊ فلمن جا گانا نصابي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

رپورٽ موجب اوڙيسا جي وڏي وزير موهن چندرن ماجهي ۽ تعليم واري وزير نِتيانند گونڊ هن معاملي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي ۽ رياست جي ڪائونسل آف ايجوڪيشنل ريسرچ اينڊ ٽريننگ (ايس سي اِي آر ٽي) جي سينئر عملدارن کي معطل پڻ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته رياستي حڪومت ايس سي اِي آر ٽي جي 6 اهلڪارن خلاف باقاعده جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ معاملي جي تحقيق لاءِ هڪ خاص انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي مستقبل جي نصابي ڪتابن جي نظرثاني واري عمل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ اهڙين غلطين کان بچڻ لاءِ هڪ ڪوالٽي اشورنس سيل قائم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں