روس يوڪرين جي مختلف علائقن تي ڊرونن ۽ ميزائلن سان حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 34 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا۔
يوڪريني فوج موجب حملن دوران رهائشي عمارتن کي پڻ نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو۔
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته حملن جي نتيجي ۾ هڪ هوٽل ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، جڏهن ته 6 ماڙ رهائشي عمارت مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي وئي۔
امدادي ٽيمون ملبن هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن۔
ٻئي طرف روسي وزارت دفاع دعويٰ ڪئي آهي ته روسي فوجن يوڪرين جي دنيپروپيٽروسڪ ۽ پولتاوا وارن علائقن ۾ موجود هوائي اڏن کي نشانو بڻايو آهي۔
روس جو چوڻ آهي ته هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن تان ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ جديد هٿيارن ۽ ڊرونن ذريعي وڏي پيماني تي حملا ڪيا ويا۔