عالمي مقابلن ۾ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن تي قسمت مهربان: پاڪستان اسپورٽس بورڊ انعامي رقم ۾ حيران ڪندڙ واڌ

فہرستِ مضامین

راندين جي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ پاڪستاني رانديگرن تي قسمت جي ديوي هڪ ڀيرو ٻيهر مهربان ٿي وئي آهي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ وڏا اعلان ڪيا آهن.

پاڪستان اسپورٽس بورڊ انٽرنيشنل مقابلن ۾ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن جي انعامي رقم ۾ واڌ جو نه رڳو اعلان ڪريو پر فوري طور عملدرآمد به شروع ڪيو آهي.

ري وائيز ڪيش ايوارڊ پاليسي جاري

اسپورٽس بورڊ جي 34هين اجلاس ۾ اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ رانديگرن جي انعامي رقم ۾ واڌ به شامل هئي، بورڊ جي منظوري کانپوءِ ري وائيز ڪيش ايوارڊ پاليسي جاري ڪئي وئي، اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي گولڊ ميڊل کٽيندڙ رانديگرن لاءِ اڳ هڪ ڪروڙ روپيا انعامي رقم هئي، هاڻ  اُن کي وڌائي 3 ڪروڙ روپيا ڪيو ويو آهي.

ري وائيز ڪيش ايوارڊ پاليسي تحت اولمپڪس ۾ سلور ميڊل کٽيندڙن جي رقم وڌائي وئي آهي، هاڻ رانديگرن کي سلور ميڊل کٽڻ تي 2 ڪروڙ روپيا ملندا، جڏهن ته برانز ميڊل کٽيندڙن رانديگر کي هڪ ڪروڙ روپيا انعام ملندو، ان کان اولمپڪس سلور ميڊل تي 75 لک ۽ برانز تي 50 لک انعام ملندو هو.

ايشين گيمز ۾ ميڊل جي انعامي رقم ۾ به واڌ

اسپورٽس بورڊ جي منظوري کانپوءِ ري وائيز پاليسي تحت ايشيائي رانديگرن لاءِ ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي 75 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ 50 لک روپيا ڪئي وئي آهي، ايشين گيمز ۾ سلور ميڊل کٽڻ تي انعامي رقم 70 لک  ۽ برانز تي 50 لک روپيا انعام ملندو.

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل جي انعامي رقم 50 لک مان وڌائي 75 لک ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪامن ويلٿ ۾ سلور ڪيٽيگيري ۾ سلور ميڊلسٽ کي 50 لک ۽ برانز ميڊلسٽ کي 30 لک روپيا انعام ملندو.

نئين اسپورٽس پاليسي ٽن حصن ۾ ورهايل

نئين اسپورٽس پاليسي ۾ ورلڊ چيمپئن شپ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، چئن سالن کانپوءِ ٿيندڙ ورلڊ چيمپئن شپ کٽڻ تي 75 لک انعام ڏنو ويندو، رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.

پاليسي ۾ ايشين چيمپئن شپ جي ايونٽس کي به ٽن مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي، ڪامن ويلٿ ۽ جونيئر سطح جي ايونٽس لاءِ به چيمپئن شپ جي مدي جي حساب سان انعام طئه ڪيا ويا آهن.

سنوڪر لاءِ الڳ پاليسي ۽ رقم

اسپورٽس پاليسي ۾ سنوڪر لاءِ الڳ انعامي پاليسي مقرر ڪئي وئي آهي، سنوڪر ورلڊ چيمپئن شپ کٽڻ تي 15 لک ۽ ايشين چيمپئن شپ کٽڻ تي 7.5 لک انعام ملندو

پاليسي ۾ اسڪواش ۾ برٽش اوپن يا ساڳئي سطح جي ايونٽ کٽڻ تي هڪ ڪروڙ انعام رکيو ويو آهي.

اسپورٽس بورڊ موجب جونيئر اسڪواش ايونٽ کٽڻ وارن رانديگرن کي پاليسي تحت 50 لک رپين جو انعام ملندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں