عالمي دٻاءُ ڪم ڪري ويو: اسرائيل جو غزه جي 3 علائقن ۾ حملا روڪڻ جو اعلان: امداد جي فراهمي جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

غزه ۾ بک سبب انساني بحران سنگين ٿيڻ کانپوءِ عالمي دٻاءُ جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسرائيل غزه جي 3 علائقن ۾ روزانو 10 ڪلاڪ لاءِ عسڪري ڪارروايون روڪڻ جو اعلان ڪندي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي امداد فراهم ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي.

خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته غزه جي 3 مخصوص علائقن ۾ روزاني جَي بنياد تي ٿيندڙ عسڪري ڪارروايون عارضي طور روڪيون ويون آهن، اسرائيل جو اِهو اعلان ان وقت سامهون آيو، جڏهن اسرائيلي اختيارين فلسطيني علائقن ۾ انساني بحران گهٽائڻ لاءِ اهم قدم کڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.

اسرائيلي فوج موجب اِهو عارضي وقفو روزانو المواسي، دير البلح ۽ غزا سٽي ۾ صبح 10 وڳي کان شام اٺين وڳي تائين( پاڪستاني وقت موجب منجهند 12 وڳي کان رات 10 وڳي تائين) تاحڪم تائين لاڳو رهندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ صبح 6 وڳي کان رات 11 وڳي تائين مخصوص محفوظ راستا به مستقل طور کُليل رهندا ته جيئن شهرين توڙي امدادي گاڏين جي چر پر برقرار رهي.

عالمي برادري جو دٻاءُ ۽ نتيجا

خابرو اداري اي ايف پي موجب غزه ۾ بک، بدحالي ۽ ڏڪار سبب پيدا ٿيل صورتحال تي عالمي برادري ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ اسرائيل تي دٻاءُ وڌو هو ته اسرائيل جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اُن سان تاريخ جو سڀ کان وڏو الميو جنم وٺي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ اسرائيل هوائي رستي غزه پٽي ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي.

اسرائيلي فوج ٽيليگرام تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته غزه پٽي ۾ امداد جي داخلا کي ممڪن ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن تحت انساني امداد پهچائڻ جا بندوبست ڪيا ويا آهن.

اسرائيلي فوج جون دعوائون ۽ ساک بچائڻ لاءِ ڦڙتيون

اسرائيلي فوج ٻڌائي ٿي ته اهڙين امدادي سرگرمين سان غزه ۾ انساني صورتحال ۾ بهتري اچي ويندي، جنهن کانپوءِ اُنهن دعوائون کي به رد ڪري سگهبو ته اسرائيل ڄاڻي واڻي انساني بحران پيدا ڪري ٿو.

اسرائيل جي اِن دعويٰ باوجود گڏيل قومون ۽ ٻيا انساني امدادي ادارا هِن قدمن جي اثرائتي هجڻ تي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، عالمي ادارن جو خيال آهي ته غزه ۾ جيڪا صورتحال آهي، اُن کي بهتر ڪرڻ لاءِ فضائي امداد ڪافي ناهي، جڏهن هيليڪاپٽرز ذريعي کاڌ خوراڪ جون شيون اڇليون وينديون ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پوندي ۽ پوءِ ماڻهو لتاڙجي جانيون وڃائيندا.

گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت قائم اداري انروا جي سربراهه فليپ لازاريني جو چوڻ آهي ته فضائي امداد بک ۽ ڏڪار واري صورتحال تي ختم

نٿي ڪري سگهي، اِهو عمل مهانگو، غير اثرائتو ۽ ڏڪار سٽيل علائقن جي رهواسين لاءِ سنگين صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، وڌيڪ جاني نقصان به ٿي سگهي ٿو.

انساني امدادي ادارا لڳاتار مطالبو ڪري رهيا آهن ته اسرائيل زميني رستن ذريعي امدادي قافلن جي رستا روڪ ختم ڪري ته جيئن غزه ۾ موجود 20 کان وڌيڪ شهرين تائين کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ ٻيون گهربل شيون پهچائڻ ۾ سولائيءَ ٿئي.

خابرو اداري رائٽرز موجب مصر جي سرڪاري حمايت يافته چينل “القاهره نيوز ٽي وي” جو چون آهي ته بين الاقوامي دٻاءُ  ۽ امدادي ادارن طرفان غزه ۾ ڏکار پکڙجڻ بابت خبردار ڪرڻ کانپوءِ امدادي ٽرڪ مصر کان غزه طرف روانا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

القاهره ٽي وي موجب مصر کان امدادي ٽرڪن جو قافلو غزه ڏانهن روانو ٿي چڪو آهي، الجزيره موجب سوشل ميڊيا تي سامهون آيل وڊيوز ۾ مصر جي رستن تان گذرندڙ امدادي ٽرڪن جي قافلي کي ڏسي سگهجي ٿو

هوڏانهن اردن جي رستي تي به غزه پٽي جي ماڻهن کي امداد پهچائڻ جو سلسلو شروع جا اطلاع مليا آهن، الجزيره جي رپورٽ موجب اردن جي پبلڪ سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ پنهنجي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اردني امدادي قافلا غزه ڏانهن روانا ٿي رهيا آهن.

سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ وڊيوز ۾ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن کي شاهراهه تان گذرندي ڏسي سگهجي ٿو، هوڏانهن اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ غزه ۾ عسڪري ڪارراين ۾ وقفي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.

الجزيره موجب اسرائيلي صدر ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته “مان اسرائيلي قيادت ۽ فوج پاران غزه ۾ انساني امداد شروع ڪرڻ واري عمل کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي آجيان ڪريان ٿو، خاص طور تي ان فيصلي جي جنهن تحت شهري جانيون بچائڻ ۽ امداد پهچائڻ لاءِ محفوظ رستن لاءِ انساني همدردي تحت ڪاررواين ۾ وقفو ڪيو ويو آهي.

اسرائيلي صدر جي آجيان ۽ تنقيد

اسحاق هرزوگ گڏيل قومن تي به زور ڀريو آهي ته اهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ هن گڏيل قومن تي اِهو الزام هنيو ته گڏيل قومن جي غير اثرائتي قدمن، ڪارڪردگي توڙي حماس جي رنڊڪن امداد پهچائڻ ۾ مسئلا پيش آيا ۽ بحران وڌيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں