ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان: پاڪ-ڀارت دنگل 14 سيپٽمبر تي ٿيندو

فہرستِ مضامین

گهڻي وقت کان تڪرارن، اختلافن ۽ بحثن ۾ ڦاٿل ايشيا ڪپ 2025 جي ميچن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلان ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت کي 2025 جي ايشيا ڪپ جي گروپ-اي ۾ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو 9 سيپٽمبر کان 28 سيپٽمبر تائين گڏيل عرب امارات ۾ کيڏيو ويندو.

ٻنهي ٽيمَن جي وچ ۾ گروپ اسٽيچ جو ميچ 14 سيپٽمبر تي ٿيندو، جيڪڏهن ٻئي ٽيمون فائنل تائين پهچي ويون ته انهن جي وچ ۾ ٻه وڌيڪ ممڪن ميچ به ٿي سگهن ٿا.

ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ٽورنامينٽ جي 17هين ايڊيشن جي تاريخن جو اعلان ڪيو.

ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو ۽ هن ڀيري ٻن ٽيمن جَي اضافي کانپوءِ اٺ ٽيمون ميدان تي لهنديون.

گروپ ميچن جو اعلان

ڀارت ۽ پاڪستان کان علاوه گروپ-اي ۾ عمان ۽ ميزبان گڏيل عرب امارات شامل آهن

گروپ-بي ۾ بنگلاديش ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن، جيڪي 9 سيپٽمبر تي ٽورنامينٽ جو آغاز ڪندا، انهن سان گڏ افغانستان ۽ سري لنڪا به شامل آهن

هر گروپ مان ٻه بهترين ٽيمون ٻئي مرحلي لاءِ چار ٽيمَن تي ٻڌل گروپ ۾ وينديون، ۽ ان مرحلي جون مٿيون ٻه ٽيمون 28 سيپٽمبر تي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

ٽورنامينٽ جون ميچز ڪٿي ٿينديون؟


ٽورنامينٽ جي جڳهن ۽ تاريخن کي ڍاڪا ۾ ٿيل اي سي سي جي سالياني جنرل اجلاس ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، جتي ايشيا ڪپ ميمبرن جي ايجنڊا جو اهم نڪتو هو.

پاڪ-ڀارت تڪرار، ٽورنامينٽ جو ميزبان ڪير؟

مئي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٽورنامينٽ جو مستقبل ڪجهه وقت لاءِ غير يقيني ٿي ويو هو، ڍاڪا ۾ اي جي ايم کانپوءِ محسن نقوي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ايشيا ڪپ جي تاريخن جي جلد اعلان بابت ڳالهايو، پر ان وقت هو مخصوص تفصيل جي تصديق ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

ڀارت-پاڪستان جو ميچ ايشيا ڪپ جو سڀ کان وڌيڪ مالي فائدو ڏيندڙ ميچ آهي، ٽورنامينٽ جي فارميٽ ۽ ساڳئي گروپ ۾ هجڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀارت-پاڪستان ميچ ممڪن آهن، ٻيو ممڪن طور 21 سيپٽمبر تي ٿيندو، ۽ فائنل ۾ ٽئين مقابلي جا امڪان به موجود آهن.ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان: پاڪ-ڀارت دنگل 14 سيپٽمبر تي ٿيندو

ڀارت دفاعي چيمپئن آهي، جنهن گذريل ايڊيشن جي فائنل ۾ سري لنڪا کي شڪست ڏني هئي، سريلنڪا 2022 ۾ گذريل ٽي-20ايڊيشن کٽيو هو، جنهن ۾ فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں