پاڪستان جي ميزباني ھيٺ اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ آمريڪا سميت 5 ملڪن جي عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تھ عالمي خطرن ۽ پيچيدھ ھائبرڊ چئلينجز ۾ گڏيل فوجي سھڪار جي اشد ضرورت آھي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ھيٺ مضبوط ربط، محفوظ امن جي عنوان سان ڪانفرنس ٿي، فيلڊ مارشل عاصم منير ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اعليٰ عسڪري اختيارين جي آجيان ڪئي.
خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم
فيلڊ مارشل پنھنجي خطاب ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاھر ڪيو ۽ چيو تھ درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسٽريٽجڪ ڳالھھ ٻولھھ ۽ ٻطرفو اعتماد وڏي اھميت رکي ٿو.
فيلڊ مارشل عاصم منير جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ پاڪستان خطي جي محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ پرعزم آھي.پاڪستان خطي کي محفوظ، خوشحال ۽ مربوط بڻائڻ لاءِ ڀائيوار ملڪن سان مڪمل سھڪار لاءِ پرعزم آھي.
آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو تھ ريجنل چيفس آف ڊفينس ڪانفرنس ۾ آمريڪا، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي اعليٰ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.
دفاعي سفارتڪاري کي ھٿي ڏيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ

آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس جي مقصدن ۾ بھتر قدم کڻڻ، دھشتگردي خلاف جنگ ۾ سھڪار کي ھٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سھڪار کي مضبوط بڻائڻ شامل آھن.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو تھ اعليٰ سطح جي ان ڊائلاگ ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي اسٽريٽجڪ حالتن ۾ تبديلي، گڏيل تربيتي قدمن، دھشتگرديءَ جي خاتمي ۾ سھڪار ۽ بحرانن دوران انساني ھمدردي تي ٻڌل مربوط ردعمل جھڙن معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن اجتماعي طور امن، احترام، قومي خودمختياري جي تحفظ، دھشتگردي، سائيبر سيڪيورٽي جي خطرن ۽ پرتشدد انتھاپسندي جھڙن گڏيل خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجي عزم جو اظھار ڪيو.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن دفاعي سفارتڪاري کي ھٿي ڏيڻ تي پاڪستان جي قيادت ۽ مھمان نوازي جي واکاڻ ڪئي.
گھڻ ملڪي اجلاس علائقائي سلامتي جي سھڪار، عسڪري سفارتڪاري ۽ اسٽريٽجڪ ڊائلاگ کي ھٿي ڏيڻ ڏانھن ھڪ اھم اڳڀرائي ثابت ٿيو.
اھا اسٽريٽجڪ ھم آھنگي پاڪستان جي ان مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي تھ ھڪ اھڙو محفوظ، مربوط ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل علائقائي نظام جوڙيو وڃي جيڪو گڏيل سلامتي جي مفادن ۽ علائقائي يڪجھتي تي ٻڌل ھجي.