راولپنڊي: پاڪستان ۽ افغان سرحد تي انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل ڪارروائين ۾ 29 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب آپريشن “غضب للحق” تحت ڪامياب ڪارروائيون ڪيون ويون. باجوڙ ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ٿيل آپريشن دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ هاءِ ويليو ڪمانڊر خان فروش عرف زبل ۽ ڀارتي پراڪسي تنظيم جماعت الاحرار جا 3 ٻيا دهشتگرد شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب جماعت الاحرار ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون ويون، جن دوران دهشتگردن جا 3 مرڪز تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته 25 خارجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ڪارروائين دوران دهشتگردن جي هٿيارن ۽ بارودي مواد جا ذخيرا پڻ تباهه ڪيا ويا.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه موجب خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ حملن جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز غير ملڪي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم ورجايو آهي.