آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ هڪ سينيئر آمريڪي عملدار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي خلاف حملا بند ڪرڻ تي متفق ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي ملڪن هن هفتي ڳالهيون ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب آمريڪا ۽ ايران آبنائي هرمز بابت تڪرار جي حل لاءِ اڱاري ڏينهن قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ملاقات ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.
ان کان اڳ هڪ اعليٰ ايراني عملدار چيو هو ته تازن آمريڪي حملن ۽ مفاهمتي يادداشت جي شرطن جي ڀڃڪڙي سبب ايران آچر تي ٿيندڙ فني ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.