ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوينٽي سيريز لاءِ اسڪواڊز جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ هڪ مصروف سيزن منتظر آهي، ڇاڪاڻ ته قومي سليڪشن ڪميٽي ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ھلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، جتي 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏيون وينديون. اھي سيريز نه رڳو پاڪستان جي بين الاقوامي ڪرڪيٽ شيڊول جو حصو آهن پر نون رانديگرن ۽ قيادت جي تبديلين جي لحاظ کان به اهم آهن.

ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون31 جولاءِ، 2 ۽ 3 آگسٽ تي آمريڪا جي سينٽرل براورڊ پارڪ، براورڊ ڪائونٽي اسٽيڊيم ۽ لارڊ ھل ۾ کيڏيون وينديون. ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ سلمان علي آغا ٽيم جي قيادت ڪندو.

هن فارميٽ ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف، حسن علي، ۽ شاهين شاهه آفريدي جي واپسي ٿي آهي، جيڪي بالنگ اٽيڪ کي مضبوط بڻائيندا. بنگلاديش ۾ 3 ميچز جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پڄاڻي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم 27 جولاءِ تي ئي آمريڪا پهچي ويندي.

ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز

 ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ پاڪستان جي قومي ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ مھاڏو اٽڪائيندي. ون ڊي سيريز جون ٽئي ميچز 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي ٽرينڊاڊ ۽ ٽوباگو جي برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي گرائونڊز تي کيڏيون وينديون.

ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز جي قيادت وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا نائب ڪپتان ھوندو.

 اسڪواڊ ۾ رائٽ هينڊ بيٽسمين حسن نواز کي پھريون ڀيرو پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملندو. بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي به ون ڊي اسڪواڊ جو حصو آهن.

ٽي ٽوينٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪير ڪير شامل آھن؟

ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوينٽي سيريز جي 15 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، ابرار احمد، فھيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز ۽ حسين طلعت شامل آھن.

خوشدل شاھ، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر) محمد نواز، صاحبزادھ فرحان (وڪيٽ ڪيپر)، صائم ايوب، شاھين شاھ آفريدي ۽ سفيان مقيم بھ ٽي ٽوينٽي اسڪواڊ جو حصو آھن.

ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي 16  رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبداللھ شفيق، ابرار احمد، بابر اعظم، فھيم اشرف ۽ فخر زمان کي شامل ڪيو ويو آھي.

حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، محمد نواز، نسيم شاهه، صائم ايوب، شاهين شاهه آفريدي ۽ سفيان مقيم بھ ون ڊي اسڪواڊ جو حصو ھوندا.

ٽيم مئنيجمينٽ ۾ نويد اڪرم چيما (مئنيجر)، مائيڪ هيسن (هيڊ ڪوچ)، ايشلي نوفڪي (بالنگ ڪوچ)، حنيف ملڪ (بيٽنگ ڪوچ)، شين ميڪڊرمٽ (فيلڊنگ ڪوچ)، ڪلف ڊيڪن (فزيو ٿراپسٽ)، گرانٽ لوڊن (اسٽرينٿ ۽ ڪنڊيشننگ ڪوچ)، طلحه اعجاز (ايناليسٽ)، سيد نعيم احمد (ميڊيا مئنيجر)، ارتضيٰ ڪميل (سيڪيورٽي مئنيجر)، ڊاڪٽر واجد علي رفائي (ٽيم ڊاڪٽر) ۽ محمد احسان (مساجر) طور شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں