لائیو ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان پهچي ويو

فہرستِ مضامین

ايران جي صدر مسعود پزشڪيان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو۔

ايراني صدر جو جهاز نور خان ايئر بيس تي لٿو، جتي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف سندن آجيان ڪئي۔

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بلال ڀٽو زرداري ۽ خاتونِ اول آصفہ ڀٽو زرداري پڻ نور خان ايئر بيس تي موجود هئا۔

ايراني صدر کي پاڪ فضائيه جي جهازن سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کين گل پيش ڪري آجيان ڪئي۔

ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي به ايراني صدر جي وفد ۾ شامل آهي۔

ايران جو صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شھباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ۽ هن دوري جو مقصد آمريڪا-ايران ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ ٻڌايو پيو وڃي۔

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاھر حسين اندرابي جو چوڻ آهي ته مسعود پزشڪيان صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو۔

ترجمان موجب ايراني صدر جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان به ملاقاتون ٿينديون۔

مسعود پزشڪيان جو بطور صدر پاڪستان جو هي ٻيون دورو آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، توانائي، سرحدي تعاون ۽ عوامي رابطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔

پرڏيهي وزارت موجب ملاقاتن ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي اڳڀرائي ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا وفد ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پهلوئن جو جائزو وٺندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں