آمريڪا ايران سان جاري ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي کان پوءِ ايران جي تيل جي برآمدات تي لاڳو ڪجهه پابندين ۾ عارضي نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
آمريڪي خزاني واري کاتي 60 ڏينهن جو خاص اجازت نامو (ويور) جاري ڪيو آهي، جنهن تحت ايران جي خام تيل، پيٽروڪيميڪل ۽ ٻين پيٽروليم شين جي پيداوار، ترسيل ۽ وڪري جي اجازت ڏني وئي آهي۔
هي قدم 17 جون تي واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ طئي ٿيل 60 ڏينهن واري مفاهمتي يادداشت ايم او يو جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي۔
آمريڪي خزاني واري وزير سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون تعميري ۽ نتيجه خيز رهيون آهن ۽ مفاهمتي يادداشت جي ڪيترن ئي شقن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔
هن دعويٰ ڪئي ته ايران آبنائي هرمز ۾ آزاد بحري آمدورفت يقيني بڻائڻ ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي معائنن کي ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي۔
هي عارضي لائسنس 21 آگسٽ تائين لاڳو رهندو، جڏهن ته ان ۾ اتر ڪوريا، ڪيوبا يا روس جي قبضي هيٺ يوڪرين وارن علائقن بابت پابندين ۾ ڪا به نرمي شامل نه هوندي۔
ٻئي طرف ايراني حڪومت طرفان هن اعلان تي فوري طور تي ڪا باضابطه ردعمل سامهون نه آيو آهي۔
آمريڪي نائب صدر جِي ڊي وئنس سوئٽزرلينڊ جي علائقي برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ حتمي معاهدي لاءِ هڪ مضبوط بنياد تيار ٿي چڪو آهي۔
بين الاقوامي خبر ايجنسي رائٽرز موجب ڳالهين ۾ شامل ثالثن به ابتدائي دور کي حوصلا افزا قرار ڏنو آهي۔
آمريڪا جو مؤقف آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ۽ ان مقصد لاءِ تهران کان ايٽمي پروگرام تي عالمي نگراني بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔
ٻئي طرف ايران مسلسل ان الزام جي ترديد ڪندو رهيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ چاهي ٿو، ۽ ان جو اصرار آهي ته سندس ايٽمي پروگرام صرف پرامن ۽ شهري مقصدن لاءِ آهي۔
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سرڪاري خبر ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو ته تازن ڳالهين ۾ ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت ڪا به نئين خاطري يا واعدو نه ڪيو آهي۔
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران مستقبل ۾ وڏي پيماني تي هٿيارن جي معائنن جي اجازت ڏيڻ تي راضي ٿي ويندو ته جيئن ان جي ايٽمي پروگرام ۾ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي۔
پابندين ۾ نرمي جي اعلان کان اڳ آبنائي هرمز ۾ تيل ۽ گئس بردار جهازن جي آمدورفت ۾ واڌ به رڪارڊ ڪئي وئي۔