ايران جي نائب پرڏيھي وزير ۽ آمريڪا سان جاري ڳالهين ۾ ايراني ٽيڪنيڪل ٽيم جي سربراهه ڪاظم غريب آبادي اعلان ڪيو آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ايران-آمريڪا ٽيڪنيڪل ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون آهن۔
ايراني ميڊيا موجب ڪاظم غريب آبادي ٻڌايو ته ڳالهين دوران حتمي معاهدي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ 4 خاص ورڪنگ گروپس ٺاهيا ويا آهن، جيڪي مختلف اهم معاملن تي ڪم ڪندا۔
انهن ورڪنگ گروپن ۾ پابندين جي خاتمي وارو گروپ، ايٽمي معاملن وارو گروپ، تعميرِ نو ۽ اقتصادي ترقي وارو گروپ، ۽ نگراني ۽ عملدرآمد وارو گروپ شامل آهن۔
ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته هر ورڪنگ گروپ پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ تفصيلي ڳالهين ۽ تجويزن تي ڪم ڪندو، ته جيئن مستقبل جي معاهدي جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي۔
هن ٻڌايو ته طئي ٿيل ابتدائي مفاهمت موجب ڳالهين جو ايندڙ مرحلو هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي نگراني هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ ايران جي پارليامينٽ جو اسپيڪر، اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيھي وزير ، آمريڪا جو نائب صدر، جڏهن ته پاڪستان ۽ قطر جا وزيراعظم به شامل هوندا۔
ايراني اختيارين موجب انهن ڳالهين جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، پابندين سان لاڳاپيل مسئلن جو حل، ايٽمي پروگرام بابت اختلافن جو خاتمو ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ هڪ جامع معاهدي تائين پهچڻ آهي۔