ميرپورخاص (رپورٽ: محمد امجد) جھڏو جي ڳوٺ نياز محمد ڪپري سان تعلق رکندڙ ڀاءَ ڀيڻ محمد ڪپري ۽ عروج فاطمھ سماج جي برائين خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ھپ ھوپ موسيقي جو سھارو ورتو آھي.
محمد ڪپري ۽ عروج فاطمھ پنھنجن ھپ ھوپ گيتن جون ليرڪس پاڻ ئي لکن ٿا، ھو پنھنجن گيتن ۾ جنسي ۽ گھريلو تشدد، ٻارن جي جبري پورھيي ۽ ٻين سماجي برائين جي نندا ڪن ٿا.
محمد ڪپري ۽ عروج فاطمھ جو پنھنجي گينگ جي نالي سان ھڪ ميوزڪ گروپ آھي، ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڪلام لکڻ بعد ان کي ھپ ھوپ ڌن تي ڳائڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پريڪٽس ڪن ٿا.
محمد ڪپري ۽ عروج فاطمه ڪھڙا گيت سرجي رھيا آھن؟

ھڪ گيت ۾ عروج فاطمه ڊيوئل گيت جھونگاريندي چوي ٿي تھ “ھي آواز ڪڏھن مرندي نھ، منھنجي آواز منھنجي مرضي آ، تنھنجي چوڻ کان ھي دٻبي نھ، ھي آواز ڪڏھن مرندي نھ..!!”
محمد ڪپري گيت جي وراڻي ۾ چوي ٿو: “اڙي چپ ڪر، ماڻھو ڇا چوندا؟ مٿي تي پوتي پاءِ ماڻھو ڇا چوندا؟ ويندينءَ اسڪول ماڻھو ڇا چوندا؟ کڻندينءَ موبائيل ماڻھو ڇا چوندا؟ اڙي چپ ڪر ماڻھو ڇا چوندا؟”
ساڳئي ڊيوئل گيت ۾ عروج وراڻي ڏيندي چوي ٿي: “ھي آواز حق لاءِ اٿي آھي، ھڪ سنڌي ڇوڪري نھ، ھر گھر ۾ سنڌي ڇوڪري آ، ھي آواز ڪڏھن مرندي نھ، منھنجي آواز منھنجي مرضي آ، تنھنجي چوڻ کان ھي دٻبي نھ، ھي آواز ڪڏھن مرندي نھ..!!”
ٻنھي ڀاءُ ڀيڻ سنڌ ۾ روزاني بنياد تي ٿيندڙ ظلمن بابت بھ ھڪ ڊيوئل گيت سرجيو آھي، جنھن ۾ عروج جھونگاريندي چوي ٿي: “ظلم سٺا آھن اسان ھتي جام، انڌو ٿي قانون ۽ انڌي ٿئي عوام، سچ ڳالھايو جن، ڪپي ٿن تن جي زبان، مولا تون اچ ٻڌاءِ گھرائي جون ڳالھيون..!!”
محمد ڪپري گيت جي وراڻي ۾ چوي ٿو: “سنڌي ھپ ھاپ جو ڊيول آيو، ليرڪ لکي لھرايو، شيطاني ڳالھيون ۽ صوفي ھتي کيڏڻ آيو، آڌي ٿي رات ۽ شيطان مون سان ملڻ آيو، جن جي ڪچھري ۾ رات مون وٽ سوئر آيو، ڳوٺ مان نڪر، ھي چوڻ مون کي سوئر آيو..!!”
جيڪا ھپ ھوپ مون آندي اھا پاڪستان ۾ نه ھئي: محمد ڪپري
محمد ڪپري ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ ھپ ھوپ مون 2018 ۾ شروع ڪئي، ھيل تائين 2 البم منھنجا تيار پيل آھن ۽ ھڪ ايل پي جي يعني لانگ پلي لسٽ بھ آھي، جنھن ۾ 60 منٽن جي ڊيوريشن تائين جا گيت آھن.

محمد ڪپري ٻڌايو تھ سندس فيوريٽ گيت “حالات آھي”، جيڪو ميرپورخاص ۽ جھڏو جي حالتن تي آھي. ھن چيو تھ ھپ ھوپ شروع ڪرڻ وقت پئسا ڪمائڻ يا شھرت حاصل ڪرڻ مقصد نھ ھو، منھنجو مقصد رڳو اھو ھو تھ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي مان ان کي موسيقي ۽ گيتن ذريعي بيان ڪيان.
محمد ڪپري ۽ عروج فاطمھ جو والد بھ شاعري ڪندو رھيو آھي، پر محمد ڪپري جو چوڻ آھي تھ منھنجي اھا خواھش ھئي تھ سڀني کان مختلف ۽ الڳ قسم جي شاعري ڪيان، اھو ئي سبب آھي جو مون ريپ سنگر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
محمد ڪپري چوي ٿو تھ جيڪا ھپ ھوپ مان کڻي آيو آھيان اھا پاڪستان ۾ موجود ئي نھ ھئي، جيڪا ھپ ھوپ فارس شفيع ۽ ڪرشنا ٺاھي ھئي، مان ھتي اھا ئي پيش ڪري رھيو آھيان. مون کي شوز ملي رھيا آھن ۽ انٽرويوز ٿي رھيا آھن، اسان جو مستقبل روشن آھي.
محمد ڪپري کي ريپ ميوزڪ ۾ پنھنجي ڀيڻ عروج فاطمھ آندو، محمد ڪپري چوي ٿو تھ کيس اميد آھي تھ سنڌ جون ٻيون ڇوڪريون بھ موسيقي جي ھن دنيا ۾ ضرور اينديون.
ريپ ۽ ھپ ھوپ ذريعي سماج جا مسئلا ۽ ڪھاڻيون ٻڌائي سگھون ٿا: عروج فاطمه

عروج فاطمھ ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ شروع ۾ ريپ ۽ ھپ ھوپ سمجھھ ۾ بھ نھ ايندي ھئي ۽ پسند بھ نھ ھئي پر پاڙيسري ملڪ ۾ انڊين ريپرز کي ٻڌي خيال تبديل ٿي ويا.
عروج چيو تھ جڏھن خبر پئي تھ ريپ ۽ ھپ ھوپ ذريعي اسان پنھنجي سماج جا مسئلا ۽ ڪھاڻيون بھ ٻڌائي سگھون ٿا تھ پوءِ اسان ھپ ھوپ لکڻ ۽ ڳائڻ جو فيصلو ڪيو.
عروج فاطمھ ٻڌايو تھ ھنن وٽ اڃا سٺي ڪيمرا ۽ ٻيو سامان بھ موجود نھ آھي، ان جي باوجود ڪم ڪري رھيا آھيون. اسان وٽ اھا سھولت نھ آھي جو ريپ ميوزڪ ذريعي جيڪو مسئلو يا ڪھاڻي ٻڌائي رھيا آھيون، ان جي ميوزڪ اسٽوري بھ ٺاھي سگھون.
محمد ڪپري ۽ عروج فاطمھ چيو جي خواھش آھي تھ ھو ريپ ۽ ھپ ھوپ ذريعي سماج ۾ ڪا تبديلي آڻين، مسئلا اجاڳر ڪن ۽ ماڻھن ۾ بيداري پيدا ڪن.ھنن چيو تھ سنڌ ۾ ھپ ھوپ عام نھ آھي، يونيورسٽي جي ڪيترن ئي شاگردن کي بھ خبر ناھي تھ ھپ ھوپ ڇا آھي.
جھڏو جي ھنن آرٽسٽ ڀاءُ ڀيڻ کي يقين آھي سنڌ ۾ ريپ ۽ ھپ ھوپ ميوزڪ جلد پنھنجي جڳھھ والاريندي ۽ ان جي ذريعي وڌ کان وڌ ماڻھن تائين بيداري جو پيغام پھچائڻ وڌيڪ سولو ٿي پوندو.