گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 مان 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي۔
اسپيڪر گلگت بلتستان اسيمبلي نذير احمد ايڊووڪيٽ نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻايو۔
پيپلز پارٽي جي 13، ن ليگ جي 9 ميمبرن حلف کنيو، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي 6 ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ ميمبر به حلف کڻندڙن ۾ شامل هو۔
پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبر به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن۔
اسپيڪر گلگت اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي۔
ٻيهر شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ايوان جي اڳواڻ (قائدِ ايوان) جو چونڊ عمل مڪمل ڪيو ويندو۔
واضح رهي ته گلگت جي 3 تڪن جو نوٽيفڪيشن عدالتي حڪم تي روڪيل آهي۔
اسڪردو جي ھڪ ۽ ديامر جي ٻن تڪن جو سرڪاري نوٽيفڪيشن عدالت جي حڪم تي روڪڻ سبب 3 ميمبر پنهنجو حلف نه کڻي سگهيا آهن۔