يوڪرين ويندڙ ترڪي جي مال بردار جهاز تي روسي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ هڪ مصري شهري مارجي ويو۔
اھا ڳالھ يوڪرين جي نائب وزيراعظم اوليڪسي ڪوليبا سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽيليگرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌائي۔
هن چيو ته يوڪرين ويندڙ ترڪي جي مال بردار جهاز تي روسي ڊرون حملي دوران 58 ورهين جو جهاز جو باورچي مارجي ويو، جيڪو مصري شهري هو۔
يوڪرين جي نائب وزيراعظم وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ان جهاز جي عملي ۾ مصر، ترڪي ۽ ڀارت جا شهري شامل هئا۔
هن چيو ته حملي دوران جهاز کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي۔
اوليڪسي ڪوليبا اهو به ٻڌايو ته 8 ملاح لائف رافٽ جي ذريعي محفوظ هنڌ تي منتقل ٿي ويا آهن۔