لائیو آمريڪا-ايران ڊيل باوجود وچ اوڀر جي صورتحال ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي: آمريڪي اخبار

فہرستِ مضامین

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جي تجزياتي رپورٽ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ لڳ ڀڳ 4 مهينن تائين جاري رهندڙ جنگ ۽ ان جي خاتمي لاءِ ٿيل تازي معاهدي باوجود وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال ۾ ڪا وڏي تبديلي سامهون نه آئي آهي۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر فيبروري ۾ ايران خلاف فوجي ڪارروائي کي وچ اوڀر ۾ وڏي تبديلي آڻڻ ۽ ايران مان پيدا ٿيندڙ خطرن جي خاتمي جي ڪوشش قرار ڏنو هو، پر لڳ ڀڳ 100 ڏينهن گذرڻ باوجود به ايران جو جوهري پروگرام مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان جي مستقبل بابت فيصلو ايندڙ ڳالهين تي ڇڏيو ويو آهي۔

ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام پڻ برقرار آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ان جا اتحادي گروپ اڃا به سرگرم آهن۔ ايران جو سياسي نظام به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ نئين قيادت سامهون آئي آهي۔

ٻئي پاسي اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جهڙپون اڃا تائين جاري آهن، جڏهن ته هن معاهدي سان ايران کي اهم معاشي فائدا حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن۔

ماهرن موجب هي معاهدو آمريڪا جي فوجي بالادستي بدران تڪرار کي وڌيڪ وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ واري پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو۔

هوڏانهن ايراني قيادت آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جو مقابلو ڪرڻ ۽ جوابي ڪارروائي جي صلاحيت کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي رهي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں