سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي 25 ۽ 26 جون تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي۔
ٻئي پاسي محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا پيا وڃن۔
لاڳاپيل ادارن کي امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔