لائیو ڀارت طرفان آمريڪا سان تعلقات ٻيھر مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون

فہرستِ مضامین

آمريڪي ميڊيا اداري فاڪس نيوز جي رپورٽن موجب ڀارت آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته پاڪستان اڳ ئي پنهنجي سفارتي اثر رسوخ کي مڃرائي چڪو آهي۔

جي-7 اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات کي ڪجهه رپورٽن ۾ روايتي گرمجوشي بدران مختصر مصافحي تائين محدود قرار ڏنو ويو۔

ان ملاقات جي تناظر ۾ سفارتي ڇڪتاڻ جا اشارا به ڏنا ويا آهن۔

فاڪس نيوز موجب ڀارت گذريل سالن ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي۔

آمريڪي ميڊيا مطابق هاڻي پاڪستان خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڌر طور اُڀري رهيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں