ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪيو، ۽ وزيراعظم گذريل بجيٽ ۾ ئي معيشت جي صحيح رخ جي نشاندهي ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب معاشي استحڪام آيو آهي۔
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ دستاويزن ۾ تضاد جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته منهنجي خلاف جمع ڪرايل استحقاق جي تحريڪ حقيقتن جي ابتڙ ۽ انگن اکرن جي غلط تشريح تي ٻڌل آهي۔
هن چيو ته ملڪ جون صنعتون بهتر نموني هلندڙ آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، برآمدي شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، ۽ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي۔
ناڻي واري وزير چيو ته هو سڀني ميمبرن جو شڪريو ادا ڪري ٿو جن بجيٽ ۾ حصو ورتو، اپوزيشن ليڊر، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، قائمہ ڪميٽين ۽ ميمبرن جو به شڪريو ادا ڪيو. هن وزيراعظم، نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ خالد مگسي سميت اتحادي جماعتن جو به ٿورو مڃيو۔
هن چيو ته سندن ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ خطي مان جنگ جا ڪڪر هٽي ويا، پاڪستان 4 ڏهاڪن کان پوءِ ٻن مخالف ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔
محمد اورنگزيب چيو ته جنگ روڪڻ هڪ وڏو ڪارنامو هو، جنهن تي وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فِيڊ مارشل سميت سڄي قوم مبارڪباد جي حقدار آهي۔