يائوندي: ڪيمرون جو 92 سالن جو صدر پال بيا دنيا جو جھونو ترين صدر آھي، جيڪو پاڻ کي اڃا بھ جوان سمجھي ٿو، 43 سالن کان اقتدار ۾ رھندڙ پال بيا جو حڪومت کان ٻاھر ٿيڻ جو ڪو بھ ارادو نھ آھي، جولاءِ جي وچ ڌاري ھن اعلان ڪيو تھ ھو اٺون ڀيرو بھ صدارتي چونڊون وڙھندو.
ڪرپشن جي الزامن، ملڪ ۾ وڌندڙ غربت ۽ خود پنھنجي پارٽي اندر ٿيندڙ مخالفت باوجود صدر ڪيمرون کي آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ فيوريٽ اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي.
صدر بيا دنيا جو شايد پھريون حڪمران آھي جنھن جي صحت کي قومي سلامتي جو معاملو قرار ڏيندي ان بابت بحث ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آھي.ھو آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊون بھ کٽي ويو تھ 7 سالن جو مدو پورو ٿيڻ جي صورت ۾ ھو ھڪ سئو سالن جي ڄمار جي ويجھو پھچي ويندو.
جولاءِ جي وچ ڌاري ايڪس تي انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولي ۾ پوسٽ ڪيل پنھنجي بيان ۾ صدر پال بيا لکيو تھ: “مان صدارتي چونڊن جو اميدوار آھيان، اھا پڪ رکو تھ توھان جي خدمت جاري رکڻ وارو منھنجو عزم ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منھن ڏيڻ واري گھرج جي عين مطابق آھي.”
تباھ ٿي وياسين: مقامي اخبار صدر جي تصوير سان گڏ سرخي لڳائي

پال بيا چاليھھ سال اڳ 1982 ۾ ان وقت اقتدار ۾ آيو ھو، جڏھن ان وقت جي صدر احمدو اھيدو پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ ڏني ھئي.صدر بيا جي صحت ملڪ ۾ سدائين قياس آرائين ۽ بحثن جو موضوع بڻيل رھي آھي، تازو سال اڳ ھو 42 ڏينھن تائين عوام جي نظرن کان غائب بھ رھيو ھو.
ڪيمرون جي حڪمران جماعت پيپلز ڊيموڪريٽڪ مومينٽ ۽ سندن حامي گذريل سال کان اھو مطالبو ڪري رھيا ھئا تھ صدر پال بيا کي اٺون ڀيرو بھ صدارتي چونڊون وڙھڻ گھرجن، جڏھن تھ اپوزيشن پارٽيز جو چوڻ آھي تھ ھاڻي گھڻو ٿيو، ڪنھن نئين ماڻھو کي موقعو ڏيو.
مقامي ميڊيا جي رپورٽس مطابق ھڪ اخبار تھ صدر بيا جي تصوير سان گڏ اھا سرخي لڳائي تھ: “اسان تباھ ٿي وياسين!”
صدر جي صحت قومي راز قرار، ڳالھائڻ تي پابندي لڳائي وئي
صدر پال بيا گذريل سال آڪٽوبر ۾ 44 ڏينھن تائين غائب رھڻ بعد جڏھن منظرعام تي آيو تھ سندس خراب صحت جي باري ۾ وڏا بحث ٿيا، حڪومت پاران وضاحت ڪندي ترديد ڪئي وئي تھ ھو مڪمل طور صحتمند آھي، دلچسپ ڳالھھ اھا آھي تھ حڪومت صدر پال بيا جي صحت کي قومي سلامتي جو معاملو قرار ڏيندي ان بابت بحث مباحثن تي پابندي بھ لڳائي ڇڏي آھي.
سينٽرل آفريقي ملڪ ڪيمرون جي 40 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير تي يا ان کان بھ ھيٺين سطح جي زندگي گھاري رھي آھي، چئن ڏھاڪن کان اقتدار ۾ رھندڙ صدر پال بيا تي ڪرپشن جا الزام لڳڻ ۽ پارٽي اندر مخالفت باوجود سندس مقابلي ۾ ڪو متبادل ۽ سگھارو اڳواڻ سامھون نھ اچي سگھيو آھي.
مقامي ميڊيا جي رپورٽس موجب صدر پال بيا جي پارٽي اندر ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آھن. اڳوڻو وزيراعظم بيلو بوبا مائگري ۽ اڳوڻو وزير عيسيٰ تڪروما صدارتي چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري چڪا آھن، ٻئي اڳواڻ ماضيءَ ۾ صدر پال بيا جا حامي رھيا آھن.
صدر پال بيا اٺون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ پنھنجي حڪمران جماعت ڪيمرون پيپلز ڊيموڪريٽڪ مومينٽ جي قيادت سان گھربل ڪا بھ مشاورت نھ ڪئي آھي ۽ سندس اھڙي عمل کي پارٽي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪائونسلر ليون ٿيلر اونانا چئلينج بھ ڪيو آھي.
ڪرپشن ۽ خراب صحت باوجود صدر پال بيا کي ھٽايو ڇو نھ پيو وڃي؟

ڪرپشن جي الزامن، خراب ڪارڪردگي ۽ خراب صحت باوجود صدر پال بيا کي ھٽايو ڇو نھ پيو وڃي؟ ان سوال جي جواب ۾ تجزيا نگار ۽ سوشيولاجسٽ برائيس مولو چوي ٿو تھ اقتدار جون اصل واڳون صدر جي سيڪريٽري جنرل فرڊيننڊ نگو نگو وٽ آھن، ھو ان اسٽريٽجڪ ڪميٽي جو سربراھ آھي جيڪا فوج کي طلب ڪري سگھي ٿي ۽ اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ جي طاقت بھ رکي ٿي.
برائيس مولو ۽ ٻين جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ اقتدار جي ڀائيواري وارو ھڪ اھڙو سسٽم ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ سموريون ڌريون مطمئن آھن، ڇاڪاڻ تھ ھنن کي سندن حصي پتي واريون سموريون مراعتون ملي رھيون آھن، اھو ئي سبب آھي جو اھي صدر پال بيا جھڙي “بيڪار” ۽ جھوني اڳواڻ کي اٺون ڀيرو بھ صدر بڻائڻ چاھين ٿيون.